شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

احوال منهنجي دل جو، بس دل ۾ رهجي ويو،

احوال منهنجي دل جو، بس دل ۾ رهجي ويو،
سارو خيال ان جي، محفل ۾ رهجي ويو.

ان جي اکين ته مون لئه، ڳوڙها نه ڳاڙيا،
حسرت ڪُٺي ستم ٿيو، غم دل ۾ رهجي ويو.

ويران ڪئي تو وستي، موهن دڙي جيان،
نقشو وفا جو قاتل، مقتل ۾ رهجي ويو.

ٻيڙي وفا جي ڪُن مان، ٻاهر نه ٿي سگهي،
جو وقت ويو سو حسرت ساحل ۾ رهجي ويو.

آهي عجب ”مسافر“ کي ان جي چال تي،
جيون سڄو اسان جو، هل چل ۾ رهجي ويو.