وچن الفت وفا جا هن، سڀئي ٽوڙي ڇڏيا چپ چاپ،
۽ ڪنهن منظر جيان مون کان، اهي مٽجي ويا چپ چاپ.
پيڙائون ان جي ئي تصوير وانگي ساڻ هن مون سان،
هي سک ڪنهن بي وفا وانگر، پري ٿيندا رهيا چپ چاپ.
صنم منهنجي ذهن جي اڱڻ تي يادون ۽ تنهنجا خيال،
انڌيري رات ۾ جگنو ٿي پئي هر هر آيا چپ چاپ.
مان لڙڪن سان پسائڻ ان جا رستا نه ٿي چاهيا،
الائي ڇو ايئن هي اوچتي بادل وسيا چپ چاپ.
ڏنيون جيڪي نشانيون پيار جون، مان ان کي اي يارو،
انهن تي ڀي آهستي زنگ ٿي چڙهندا رهيا چپ چاپ.
ڪڏهن چڙهندا ها تصوير تي هر هر گلن جا هار،
”مسافر“ هاڻ ان تصوير تي ڄارا چڙهيا چپ چاپ .