ماضيءَ جو اڳيان آيو، محبت جو فسانو ڪو،
اڄ رات ڏٺو آهي، مون خواب سهانو ڪو.
هن جام محبت جو، اکڙين مان ڏنو اوتي،
پيتو آ منهنجي نيڻن، الفت جو پيمانو ڪو.
روڪيو هو جڏهن هن کي، بي درد زماني ڀي،
دنيا کان لڪي هن ڪيو، گڏجڻ جو بهانو ڪو.
زلفن ته ڪئي اس ۾، هئي ڇانوَ سڄڻ مون تي،
منهنجو به ته زلفن ۾، گذريو هو زمانو ڪو.
يڪدم جو کُلي منهنجي هيءَ اک ته نڀاڳي ٿي،
ڏيئي ويو هو ”مسافر“ کي يادن جو خزانو ڪو.