شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

اکين ۾ اوجاڳن، جا ڏيئا جلايا،

اکين ۾ اوجاڳن، جا ڏيئا جلايا،
سڄي رات يادن جا ڏيئا جلايا.

صبح جو قدر تَنِ کي ٿيندو پرين جن،
سڄي رات دردن جا ڏيئا جلايا.

ڀنل پنهنجي نيڻن جي ساجن درين ۾،
تنهنجي انتظارن جا ڏيئا جلايا.

مايوسيءَ سان رنڱيل صبح شام جي ڀي،
دلين ۾ اُمنگن جا ڏيئا جلايا.

جفائن جو آ ڌنڌ پوءِ ڀي گسن تي،
”مسافر“ وفائن جا ڏيئا جلايا.