شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

Title Cover of book خاموش مسافر

اچي سرهاڻ گل مان نه، اهو گل پوءِ صفا ناهي،

اچي سرهاڻ گل مان نه، اهو گل پوءِ صفا ناهي،
وفا تنهنجي جدائي ڏي، اها تنهنجي وفا ناهي.

جهلڪ ان جي ڏٺي مون کي، زمانا ٿي ويا آهن،
جدا هوندي اها مون کان، تڏهن پوءِ ڀي جدا ناهي.

ڪيون آهون ڪيڏيون دانهون، هجر ۾ ڀي دلِ نادان،
خدائيءَ کي نه ڌوڏي جا، اها منهنجي صدا ناهي.

مهڪ شامل آ تنهنجي گلستان جي هن بهاري ۾،
فضا جنهن ۾ تنهنجي خوشبو نه آ شامل فضا ناهي.

”مسافر“ آ هتي هر ڪو، نه ڪر بانور حياتيءَ تي،
رسڻ وارا رسين ڇو ٿو، رسڻ توکي رَوا ناهي.