مان چپ هيس پر هڪ لڙڪ ڏڪي چيو لڙڪن ۾ خواب سڙن ٿا،
حسرت سان ڀريل ۽ اجڙيل پنهنجي نيڻن ۾ خواب سڙن ٿا.
مون وانگي به ڪنڊن چاهيو ڪاش اسان گلشن جا گل ٿيون ها،
ڪنهن کي ڇا خبر ڪنڊن جا گلن جي دامن ۾ خواب سڙن ٿا.
سڀ ڪجھ پاڻ وڃائي پن ڇڻ ۾ خواب ڏٺا ها بهارن جا،
پر مون کي ڪهڙي ڄاڻ هئي، ته بهارن ۾ خواب سڙن ٿا.
هن جي سپنن سان ڀريل ٻيڙي کي ڪنهن ٻوڙيو ڪوئي ٻڌائي،
لهرون تڙپي چئي رهيون هيون هن، ته ڪنارن ۾ خواب سڙن ٿا.
ڌرتي تي ويهي ماڪ ڦڙن سان خواب اڻيا فلڪ سهاري،
حيرت آ يارو جو منهنجا، آڪاشن ۾ خواب سڙن ٿا.
تنهنجا پيرا کڻندي گذري، عمر “مسافر” پر توکي خبر،
ڪهڙي منهنجا تنهنجي قدمن، جي نِيشانن ۾ خواب سڙن ٿا.