شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

پبلشر نوٽ

بابا سائين استاد غلام محمديءَ جي وفات بعد سندن نالي سان منسوب يادگار اڪيڊميءَ جو قيام سندس عزيزن دوستن ۽گهڻ گُهرن لاءِ خوشيءَ جو باعث آهي. هن اڪيڊميءَ جي پليٽ فارم تان بابا سائين جي نقش قدم تي هلندي انشاء الله سماج جي بهتري لاءِ تعميري ۽ صحتمند سرگرميون جاري رکيون وينديون. هن اڪيڊميءَ جي قيام ۾ جن سينئر شخصيتن جا مفيد مشورا ۽ سهڪار حاصل آهي. انهن ۾ ڊاڪٽر محمد علي محمدي محترم شوڪت چاچڙ سائي فدا حسين‘فدا’ محمد اسلم محمدي، عبدالفتاح عباسي، فقير محمد پريل دايو، محترم بدر سميجو۽ اسان جا عزيز ۽ احباب شامل آهن، انهن سڀني جا وڏا وڙ.
بابا سائين کي جيئن ته بزرگ همايوني جي تتبع تي سيد محمد اسحاق شاهه نقويءَ جي چيل ڪافي پسند هئي ۽ سائين فدا حسين کان ان جو هيءُ بند ٻڌڻ جي اڪثر فرمائش ڪندا هئا.
الحمد رکي هڪ لام بطن ڪيو مخفي فاتحه نام سجن
ان احمد تي گلفام ڇڪن، چڪچور هزارين مان نه رڳو
هن اڪيڊميءَ طرفان پهرين وک طور ڪتاب “حيران هزارين مان نه رڳو” پيش ڪندي سرهائي محسوس ٿئي ٿي. هن ڪتاب جو مصنف اهل علم ناميارو محقق، شاعر اسان جو عزيز پروفيسر فدا حسين صاحب گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي. اڪيڊميءَ طرفان هن ڪتاب کان علاوه 2 ٻيا ڪتاب پڻ تياريءَ جي مرحلي ۾ آهن. بابا مرحوم جي مشن کي اڳتي وڌائنندي اسان ڀائرن ۽ دوستن اهو عزم ڪيوآهي ته پنهنجي سينئر عزيزن ۽ دوستن جي صلاح ۽ سهڪار سان علمي ادبي ۽ سماجي سرگرميون وقت بوقت منعقد ڪندا رهنداسين.

صفدر حسين محمدي
دادلوء