شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

مدرسو ڪنڊو:

بلوچستان. جي قلات ڊويزن جي ڀاڳ ناڙي علائقي ۾ “ڪنڊو” ۽ “تنبو” ڳوٺ آهي. جن کي گڏي ڪنڊو تنبو به چوندا آهن. اتان جي رهاڪن کي ڀاڳي يا ناڙي وال سڏيو ويندو آهي. مولانا ڪنڊوي صاحب هالاڻي جي مدرسي مان سيد محمد عاقل شاهه وٽان دستار فضيلت ٻڌڻ کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ ڪنڊي ۾ سن 1800ع ۾ هي مدرسو قائم ڪيو جتي 22 سال درس و تدريس جو ڪم سٺي نموني هليو. ٻهراڙي جي هن درسگاهه برک عام سٺا مدرس ۽ وڏا مبلغ پيدا ڪيا. علامه ڪنڊويءَ جي سنڌ ۾ اچڻ جو مذڪور هن طرح آهي ته آبڙ جو وڏيرو حيدر خان مڱراڻي بلوچستان جي حاڪم مير نصير خان وڏي کان ڪنهن ڳالهه تان ناراض ٿي پنهنجي لاڳاپي رکندڙ ماڻهن سميت ناڙيءَ کان لڏي سنڌ ۾ جيڪب آباد جي ڀرسان ڳوٺ “آباد” ۾ اچي رهيا. مولانا عبدالحليم صاحب به پنهنجي شاگردن سميت گڏ هوس. وڏيرو حيدرخان مير نصير خان جي زور ڀرڻ تي موٽي ناڙي ويو ۽ مولانا صاحب جا ڀائيٽا مولوي عطا محمد ۽ مولوي تاج محمد به واپس ڪنڊي ويا. ليڪن مولوي عبدالحليم صاحب هتي رهي پيو ۽پنهنجي شاگرد خليفي محمد يعقوب همايونيءَ سان جيڪب آباد جي ڳوٺ آباد ۾ مدرسو کولي 1822 کان 1825ع) تائين ٽي سال ديني تعليم ڏنائون. انهن ڏينهن ۾ همايون ڳوٺ جا ٻه نيڪ ۽ ڀلا ماڻهو غازي خان سومرو ۽ مسو خان سڌايو اتي پهتا ۽ کين راضي ڪري همايون وٺي آيا. مدرسي ڪنڊي مان هيٺيان شاگرد مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ وٽان پڙهي نڪتا.

مدرسي جا مشهور شاگرد:
خليفو مولانا محمد يعقوب همايوني (2) مولانا نور محمد شهدادڪوٽي (3) مولانا تاج محمد (ڀائيٽو) (4) مولانا عطا محمد (ڀائيٽو) (5) مولانا محمد حسن ڪٽباري (6) حامد حضوري تنيو ميروخاني ( 1798_1873ع) ڊاڪٽر همت علي سانگي آباد واري مدرسي جي شاگردن ۾ علامه سلطان محمود سيتپوري (پنجاب جو ويٺل) ۽ مولانا عبدالڪريم جوڻيجو ( ٺل رتوديرو) جا نالا به ڏنا آهن. جيڪڏهن مولانا سلطان محمود سيتپوري ( جيڪو خليفي محمد يعقوب همايوني صاحب جي فرزند فخر العلماء حضرت مولانا عبدالغفور مفتون همايونيءَ جو استاد آهي) آباد مدرسي ۾ پڙهي فارغ ٿيو آهي جيئن ته آباد مدرسو ڪل ٽي سال هليو ۽ پوءِ همايون منتقل ٿيو ته پوءِ خليفو صاحب همايوني آباد جي مدرسي ۾ نائب مدرس هئڻ ڪري علامه سلطان محمود سيتپوريءَ جو استاد آهي جيئن سڀني تذڪره نگارن ڄاڻايو آهي.