شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

مير علي نواز ناز ٽالپور والي رياست خيرپور

واليءَ رياست خيرپور مير علي نواز ناز تاريخ 9 اگسٽ 1884 تي ڪوٽ ڏيجي ۾ ڄائو وڏي ناز ۽ نعمت سان پليو. انهيءَ موقعي تي وڏا شادمانا ٿيا. سوالين کي دهرا دان مليا ۽ خزانن جا در کلي ويا. عيش ۽ خوشيءَ جون تقريبون مهينن تائين جاري رهيون. مخدوم الهه بخش عباسي عاصي ۽ مولانا شهاب الدين شاهه هالاڻي وارو سندس خاص استاد هئا. ولايت به ويو ۽ لنڊن ۾ به تعليم حاصل ڪيائين. سڄي يورپ سان گڏ مصر، عراق ۽ ايران جو به سير ڪيائين. سندس والد مير امام بخش خان تاريخ 8 فيبروري 1921ع تي وفات ڪئي. پنجن ڏينهن کان پوءِ کيس برادري جي پڳ ٻڌرائي ويئي. جون 1921ع تي سرڪاري طور تي سندس تخت نشيني عمل ۾ آئي. گاديءَ تي ويهڻ شرط رياست ۾ وڏا وڏا سڌارا آندائين. رعايا تان ڇيڙ جي پراڻي مصيبت معاف ڪيائين. جيئن ته شاعر مزاج جو ماڻهو هو. ان ڪري لاهور جي هڪ ڳائڻي اقبال بيگم عرف بالي سان اک اڙجي ويس. جنهن سان شادي ڪيائين مير صاحب 25 ڊسمبر 1935ع تي وفات ڪري ويو. سندس لاش امانت طور ڪوٽڏيجي جي امام بارگاه رکيو ويو جتان 1937ع ڪربلا معليٰ موڪليو ويو.

توتي جن ملڪ انسان ٿيا حيران هزارين مان نه رڳو.

تنهنجي اکڙين جا احسان ٿيا جن سورن جا سامان ڏنا،
تنهنجي پنبڙين جي پيڪان ڪيا قربان هزارين مان نه رڳو.

تنهنجي زلفن ڏاڍا زور ڪيا ڄڻ نانگ بشيهر شور ڪيا،
جن ڏنگ هڻي في الفور ڪيا بيجان هزارين مان نه رڳو.

تنهنجي حسن جا جلوا ڇا چئجن جيڪي تازو ٿا ايمان ڪرن،
جن تي دم دم ٿا صلوات پڙهن انسان هزارين مان نه رڳو.

تنهنجي “ناز” گهڻا نروا ڪيا جيڪي تنهنجا تابعدار ٿيا،
تنهنجي نينهن جا نوڪر يار ٿيا سلطان هزارين مان نه رڳو.

( ڪليات ناز، ميرعلي نواز “ناز” از ڊاڪٽر عطا محمد حامي)