جاويد علي (ڪنڌڪوٽ)
تنهنجي حسن جي ڇا تعريف ڪيان، حيران هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي قرب ۾ ڪيئي ڪڙجي ويا سلطان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي مک مهتاب جو تاب تکو، لڳي ماکيءَ کان به ٻول مٺو،
ڪيئي گهايل ٿيا هن گهوٽ هتي، جوان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي ديد ڪيا ڪيئي ديوانا، ۽ سونهن مٿان ڪيئي مستانا،
ڪي پتنگ پچي ٿيا پروانا، انسان هزارين مان نه رڳو.
حوران پريون ۽ جن ملڪ پڙهن صلوات ٿا سرور صه تي،
هڪ مان ته در جو نوڪر ڇا، دربان هزارين مان نه رڳو.
لولاڪ نما مظهر نما، ان آيت ۾ ناهي ڪو شڪ گمان،
ڏني شاهدي آهي ارض و سما فرمان هزارين مان نه رڳو.
“جاويد” ڪريان جند جان فدا، پنهل پنهنجي پياري تان،
هي هڪ سر ڇا جي سو سر هجن، قربان هزارين مان نه رڳو.