مولانا محمد يعقوب همايوني ۽ مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَ جا شاگرد
مختلف تذڪرن ۾ مولانا نور محمد شهدادڪوٽي ۽ خليفي محمد يعقوب همايونيءِ جي شاگردن جا نالا مشترڪ ملن ٿا آئون فقط اهي نالا ڄاڻايان ٿو جن جي باري ۾ اڪثر جاين تي ڪثرت سان آيو آهي ته اهي ٻنهي بزرگن مان ڪنهن وٽ پڙهيا آهن. هونئن ته لسٽ ڊگهي آهي پر طوالت جي باعث مشهور شاگرد لکان ٿو.
مثلا الرحيم مشاهير نمبر ۾ خليفي مولانا محمد يعقوب همايوني صاحب جي شاگردن ۾ ميمڻ عبالحميد سنڌي صاحب، حضرت مولانا محمد هاشم ياسينوي مولانا حسن الله پاٽائي، مولانا عطاءُ الله فيروزشاهي جا نالا ڏنا آهن جيڪي مولانا نور محمد شهدادڪوٽي جا شاگرد آهن.
اهڙي طرح مولانا درمحمد خاڪ مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَ جي شاگردن ۾ هي نالا ڄاڻائي ٿو.
مولانا عبدالرحمان سکر وارو، عبدالله صاحب ۽ سندس ڀاءُ مولانا عبدالستار رستمي مولانا عبدالقادر انڍڙ پنهواري وارو وغيره ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي به لاڙڪاڻي ماضي حال ڪتاب ۾ ساڳيا نالا لکيا آهن. هما همايوني جي ليکڪ مولانا عبدالغفار خانڳڙهيءَ کي مولانا عبدالقادر پهنوايءَ جو شاگرد لکيو آهي. .
مولانا عبدالغفار خانڳڙهي مولانا عبدالقادر انڍڙ واري جو شاگرد نه بلڪه هم درسي آهي ۽ ٻئي بزرگ خليفي محمد يعقوب همايونيءَ جا شاگرد آهن
ميان رياض ميڪڻ لکي ٿو ته مولاناعبدالرحمان سکر وارو، مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جي وصال سببب آخري ڪتاب سندس شاگرد اول ميان نور محمد شهدادڪوٽي وٽ مڪمل ڪيا. شاگردن جي اها فهرست به منجهائيندڙ آهي. ان لاءِ وري مٿا ڪٽ ڪرڻي پوندي ۽ تاريخ جو سهارو وٺڻو پوندو ته عقدو حل ٿي ويندو. هتي خليفي صاحب جي شاگردن مان مولانا عبدالقادر انڍڙ پنهواريءَ واري ۽ مولانا محمد يعقوب (عبدالله) سومراڻي واري جي عمر جو تعين ڪجي ٿو. مولانا عبدالقادر انڍڙ پنهواري وارو ولادت 1208هه مطابق 1790ع وفات 1330هه
شهدادڪوٽ جو مدرسو جيئن ته 1855ع۾ قائم ٿيو همايون جو مدرسو گهڻو اڳ ۾ پهريائين آباد ۾ 1822ع ۾ پوءِ همايون جو مدرسو هاڪارو هو. جو وقت جا جيد علماء خود استاد العلماء مولانا عبدالحليم ڪنڊوي ۽ خليفو صاحب اتي پڙهائيندا هئا. ٻيو ته شهدادڪوٽ جي مدرسي وقت سندن عمر 65 سال ۽ همايون جي مدرسي وقت 32 سال ٿئي ٿي. عمر جو حساب به ان ڳالهه کي ڪونه ٿو مڃي ته شهدادڪوٽ پڙهيا هجن. ائين به نه ٿو ٿي سگهي ته همايون جو مدرسو جيڪو ٻنهي عالمن مولانا عبدالقادر انڍڙ ۽ مولانا محمد يعقوب (عبدالله) سومراڻين واري کي ويجهو هو. اهو مدرسو ڇڏي مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَ وٽ ڪنڊي جي ڳوٺ ڀاڳناڙي(بلوچستان) ۾ وڃن جيڪو شهدادڪوٽ مدرسي جي ايام کان اڳ ۽ مولانا عبدالحليم ڪنڊوي بزرگ جي ڪنڊي ڳوٺ ڇڏي اچڻ کان پوءِ اتي ئي ڪنڊي ڳوٺ ۾ پڙهائيندو هو ها ڳالهه به بعد از قياس آهي.
اهڙي طرح مولانا محمد ابراهيم ڀيو سرحدي(وفات 1303هه) ۽ مولانا عبدالغفا مهر خانڳڙهي به مولانا عبدالقادر انڍڙ پنهواريءَ ۽ مولانا سومراڻي واري جا هم عمر آهن خليفي صاحب جا شاگرد آهن. ميان رياض ميڪڻ مولانا عبدالرحمان ساکرو متعلق لکي ٿو ته مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ جي وفات سبب آخري ڪتاب مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَ وٽ مڪمل ڪيا.
مولانا عبدالرحمان ساکرو متعلق امور عالم دين مولانا عبدالوهاب چاچڙ صاحب جي ڪتاب “ من جي مالا” ۾ لکن ٿا ته (1895_96) جي طاعون جي بيماريءَ سبب 70 سالن کان مٿي جي عمر ۾ وفات ڪري ويا. جيڪڏهن سندن عمر 75 سال شمار ڪجي ٿي ته پوءِ سندس ولادت 1830ع سال مڃبي. حافظ عبدالحليم ڪنڊوي بزرگ جي وفات 1838ع آهي. ان وقت مولانا عبدالرحمان ساکرو 18 سال جو هوندو سندس زندگيءَ جو شروعاتي احوال هن طرح آهي ته پنهنجي والد مولوي ڪمال الدين سان گڏجي بلوچستان مان اچي درياء بندر (سکر) ٿي رهيو. سنڌ جي مشهور عالم خليفي محمد يعقوب همايونيءَ کان ديني علمن جي دستار بندي ڪيائين. سندس والد خود مولوي هو. ان وچ ۾ ڪٿي پڙهيو. ان جو ذڪر ڪونهي ٿي سگهي ٿو ته ابتدائي تعليم والد صاحب وٽ پڙهيو هجي. ان وقت مولانا عبدالقادر ۽ مولانا رستمي کانئس عمر ۾ وڏا آهن. همايون جي مدرسي ۾ جيڪڏهن 15 سال جي عمر ۾ آيو هجي ته ان وقت1835ع سال بيهي ٿو. ۽ صدر مدرس مولانا عبدالحليم ڪنڊوي صاحب آهن. 1838ع ۾ مولانا ڪنڊوي صاحب مدرسو پنهنجي شاگرد خليفي محمد يعقوب همايونيءَ جي حوالي ڪري روهڙي آيو ته پوءِ تحصيل خليفي صاحب وٽ ڪئي هوندائين جيئن مٿي مولانا عبدالوهاب چاچڙ صاحب جن لکيو آهي ته خليفي محمد يعقوب همايوني صاحب کان ديني علمن جي دستاربندي ڪيائين. ڏاڏا استاد پوءِ به استاد العلماء مولانا عبدالحليم ڪنڊوي صاحب جن آهن.
مدرسو شهدادڪوٽ (قيام 1855ع) جي فيض يافته عالمن مان علامه حسن الله صديقي پاٽائي ولادت(1836) علامه گل محمد شهدادڪوٽيءَ کان 1865ع ۾ سند ورتائين سندس نامور عالمن ۾ علامه محمد صصديق سولنگي سيتائي ، علامه مخدوم بص الدين سيوهاڻي، غلام عمر جتوئي، سوني جتوئي وارو (مولانا دين محمد وفائي جو استاد مشهور آهن علامه عطاءُ الله فيروزشاهي ولد مولانا خير محمد(1262هه برابر 1847ع) ڳوٺ فيروشا، تعلقي ميهڙ وارو به علامه گل محمد شهدادڪوٽي جو شاگر آهي. سندس شاگردن جو وڏو سلسلو آهي. جنهن جو ذڪرعلامه قاسمي مقالات قاسمي ۾ شجري جي صورت ۾ ڏنو آهي. مولانا حامد الله ٻيلائي مشهور ۽ اعلي پايي جو عالم علامه عطاءُ الله فيروزشاهيءَ جو شاگرد آهي جنهن جو شاگرد علامه علي محمد مهيري آهي جن لاڙ پٽ ۾ فيض جي پالوٽ ڪئي. علامه محمد هاشم ڳڙهي ياسينوي اصل شهدادڪوٽ جو رهواسي هو. جنهن جي ولادت 1259هه ۾ ي. سندس والد جو نالو محمد بخش سومرو هو. سموري ديني تعليم شهدادڪوٽ جي مدرسي ۾ مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَ وٽ پڙهيو ڀر ۾ مدرسي تعلقي ميروخان ۽ مدرسي ڪٽبار بلوچستان ۾ پڙهايائين. آخر ڳڙهي ياسين اچي مدسو کوليائين انهيءَ نسبت سان پاڻ کي ڳڙهي ياسينوي سڏائڻ لڳو. سندس فرزند علامه محمد قاسم ۽ مولانا محمد ابراهيم مشهر عالم ٿي گذريا آهن. جيڪي سندس شاگرد به هئا. مفتي اعظم سنڌ علامه صاحب داد جمالي مدرسي قاسميه جي پيداوار هو. جيڪڏهن سڀني شاگردن جو ذڪر ڪبو ته طوالت جو باعث ٿيندو.
ائين ٿي سگهي ٿو ته هڪ استاد جي وفات سبب ٻئي استاد وٽ تحصيل لاءِ وڃبو آهي. ڪڏهن ڪڏهن استاد ۽ شاگرد جي عمر ۾ ايترو فرق نه هوندو آهي. بلڪه شاگرد جي عمر استاد کان وڏي هوندي آهي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته علم جي ڪنهن شاخ (شعبي) جي تشنگيءَ لاءِ ٻئي استاد وٽ تحصيل ڪبي آهي. اهي سڀ ڳالهيون پنهنجيءَ جاءِ تي ليڪن انهن سڀني شين کي نظر ۾ رکي تاريخ تي به نظر رکڻي پوندي آهي.
مٿيون سمورو بحث فقط تاريخي نقطي نگاهه جي لحاظ سان ڪيو ويو آهي ته جيئن مواد کي ڇنڊي ڇاڻي آڏو آڻجي ته جيئن حقيقتون عيان ٿين. ورنه اهي ٻئي بزرگ(همايوني ۽ شهدادڪوٽي) هڪ ئي مدرسي (ڪنڊي) ۽ هڪ ئي ڪامل استاد علامه عبدالحليم ڪنڊوي بزرگ جا شاگرد رشيد آهن. جيڪڏهن اتر ۾ خليفي صاحب فيض جا واهڙ وهايا ته ڏکڻ ۾ شهدادڪوٽيءَ بزرگ جي فيض جو اثر آهي. سنڌ جي اڪثر علماء جي استادي سلسلي جي ڪڙي انهن ٻنهي بزرگن سان ملي ٿي مولانا عبدالحليم ڪنڊوي تي اچي ٿي. اڄ به انهن مدرسنمان قال قال جا آواز بلند آهن الاهي رحمت جا انوار مٿن وسندا رهن ٿا.