شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

رياض احمد چنجڻي

رياض احمد ولد خليل احمد ادبي نالو رياض خليل تخلص رياض ذات چنجڻي جو جنم 12 مئي 1966ع تي ٿيو سندس تعليم بي ايس سي (آنرز) ايم ايس سي (فزڪس) ۽ ايم ايڊ اٿس نوڪريءَ جي شروعات تعليم کاتي ۾ 28 سيپٽمبر کان سائنس ٽيچر (گريڊ 16) جي حيثيت ۾ ڪيائين. سال 2005ع ۾ سندس ترقي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ گريڊ 17 ۾ ٿي. ان بعد گريڊ 18 ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور سندن ترقي ٿي سال 20007ع کان 2009ع تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصير آباد ۾هيڊماسٽر طور فرائض سرانجام ڏنائين. نثر جي شروعات مئٽرڪ پڙهڻ دوران ڪيائون ۽ شاعري جي شروعات سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ پڙهائي واري زماني کان ڪيائين. سندس لکيل مضمون ۽شاعري مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. پاڻ ڪيترائي سياسي ۽ غير سياسي آرٽيڪل لکيا اٿائون. علامه هدايت علي نجفي حاجي خان چنجڻي مولوي در محمد خاڪ ڪانڌڙو ۽ ٻين ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي شخصيتن تي پڻ مقالا لکيا اٿائون. هن وقت قنبر ضلعي جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول وارهه هيڊماسٽر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن وارهه ۾ رحمان ڪوچنگ سينٽر به قائم ڪيو اٿائون.

تنهنجي سونهن مٿان سڀ سهڻل سائين قربان ڪروڙين مان نه رڳو،
محبوب محمد صه صدقي توتان ٿين خان ڪروڙين مان نه رڳو.

تنهنجي اچڻ سان ڏيهه مان وئي اوندهه صفا،
هر هنڌ ٿي ويئي چانڊوڪي شادان ڪروڙين مان نه رڳو.

واندو نه تنهنجي واکاڻ مان ڪوئي،
جن ملائڪ تعريف پيا ڪن انسان ڪروڙين مان نه رڳو.

حسين تنهنجي تي ڪائنات سموري آهي فدا،
پير پيغمبر حورون پريون حيوان ڪروڙين مان نه رڳو.

درويش ولي اولياء اوهان تي،
عاشق صدق هر وقت چوان مستان ڪروڙين مان نه رڳو.

ڳڻ ڳالهيون تنهنجون دل ۽ زبان سان،
ٿا هر هر ڳائن ڳوٺ ڳلين ۾ احسان ڪروڙين مان نه رڳو.

شاعر اديب ۽ امين ليکڪ،
ابدال قطب سڀ توکان وٺن ٿا دان ڪروڙين مان نه رڳو.

مخدوم ۽ خادم پرت مان توتي،
صلوات درود ڪل پيا ٿا پڙهن هر آن ڪروڙين مان نه رڳو.

ڪيو نازل مرسل تنهنجي مٿان رب
پڙهن پير جوان ۽ پوڙها پڪا قرآن ڪروڙين مان نه رڳو

چرند پرند سڪن ديدار اوهان لئه
گل ڦل مکڙيون سڀ مرڪن بستان ڪروڙين مان نه رڳو.

رابيل گلاب ۽ چنبيلي خوشبو،
تولئه واسن گهر گهر چارا گلدان ڪروڙين مان نه رڳو.

سج چنڊ ۽ تارا توکان هر دم وٺن
نور جون لاٽون اعلان ڪروڙين مان نه رڳو

اظهر اڪبر ۽ راز ٿا گڏجي
ٿيا تنهنجا ثناگر ثنا خوان ڪروڙين مان نه رڳو

تون شاه عرب ۽ شاه عجم
اي ختم الرسل ڪئين تنهنجي در تي دربان ڪروڙين مان نه رڳو

هي چنجڻي تنهنجي نانءُ تان صدقي
ڪر تون عطا ٿا توکان گهرن ايمان ڪروڙين مان نه رڳو.