سيد محمد اسحاق شاهه عرف غلام علي شاهه نقوي
تنهنجي نور ڪيا معمور مڪان مخمور هزارين مان نه رڳو
اول ما خلق الله نوري، بي صاف صبوحي جلد ظهوري،
آيا چهرا سهڻا صوري، پر نور هزارين مان نه رڳو
ڪيو فاتحه مخفي نام سجن، الحمد رکي هڪ لام بطن
ان احمد تي گلفام ڇڪن، چڪچور هزارين مان نه رڳو
منجهه يثرب آيو پير ڀري رخ معجز جي پاکر پهري،
درٻار اتي ڪل خلق ڍري، فغفور هزارين مان نه رڳو
ريحان زلف پر پيچ پيا، تن قرب ڪشالا ڪيچ ڪري،
منجهه ذوق ذري سرويچ ٿيا، سحرور هزارين مان نه رڳو
هي “نقوي” غلام غلامن جو ٿيو بلبل رعنا گلبدن جو،
خوش خوان مداحي پنجتن جو مشهور هزارين مان نه رڳو
ڪلام 2
رخ پاڪ تي مه ڪنعان ٿيا، مستان هزارين مان نه رڳو
سر ذات حقاني پاڪ آيا سرتاج رکي لولاڪ آيا،
جبرئيل وٺي بوراق آيا، نازان هزارين مان نه رڳو
ڇا حور پري جن آدم ٿيا، لک روح قدس جها خادم ٿيا،
دائود سليمان سرخم ٿيا سلطان هزارين مان نه رڳو
بن دوست نه ٻي ڪا بات ڇون، مٺي احمد وائي وات چون،
ملڪوت ملڪ صلوات چون، هر آن هزارين مان نه رڳو
والشمس عجب رخسار ڏسي، واليل مسلسل وار ڏسي،
ٿيا شيفته بلبل زار ڏسي ريحان هزارين مان نه رڳو
نت نيڻ خماري ناز ڀري، موزون سخن اعجاز ڦري،
مازاع بصر جانباز ڪري ديوان هزارين مان نه رڳو
نت “نقوي” چوي مسڪين گدا ڪر مقصد پورا نور هدي
ڪن شوق منجهان قربان فدا، جند جان هزارين مان نه رڳو