شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

ڪرم ٽالپور

قادر بخش تخلص ڪرم ولد عنايت علي ٽالپور 21 ڊسمبر 1940ع تي ڳوٺ ٽالپور وڏا ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. 1952ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪري طب جو پيشو اختيار ڪيائين. بعد ۾ 1965ع فوج جي نوڪريءَ ۾ گهڙيو جتان 1990ع ۾ جونيئر آفيسر (وڏو صوبيدار) جي عهدي تان رٽائر ٿيو. نوڪريءَکان پوءِ وري حڪمت شروع ڪيائين. ۽ ٽالپور وڏا ۾ صوفي دواخانو کوليائين. ستن زبانن ۾ شاعري اٿس. شاعريءَ جي هر صنف تي ڪلام چيائين. ڪجهه شعري مجموعا ڇپيل اٿس. ريڊيو پاڪستان خيرپور جي مختلف پروگرامن لاءِ تحريرون پڻ لکيائين جنهن تي ريڊيو طرفان کيس بهترين ليکڪ جو سرٽيفڪيٽ به مليل آهي. مختلف تنظيمن طرفان پڻ کيس بهترين شاعر ليکڪ ۽ مقرر لاءِ ڪيترائي سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون مليل آهن.

محبوب مٺا تنهنجي حسن مٿان، حيران هزارين ڦرندا ٿا وتن،
هڪ عاشق تنهنجو مان نه رڳو، انسان هزارين ڦرندا ٿا وتن.

تنهنجي صورت لاءِ ٿو هر ڪو سڪي، آ هر جا تنهنجي هاڪ حسن،
منهن پاڪ ڏسڻ لاءِ منهنجا مٺا، مهمان هزارين ڦرندا ٿا وتن.

تنهنجي ٻاجهه جو هر ڪوئي ٻانهو آ، تنهنجي نينهن جو هر ڪوئي نوڪر آ،
تنهنجي در جي غلاميءَ جي خاطر، دربان هزارين ڦرندا ٿا وتن

تنهنجي سيرت تان سر ساهه فدا، تنهنجي ڳڻن جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان،
تنهنجي قرب هٿان ۽ “ڪرم” مٿان، قربان هزارين ڦرندا ٿا وتن