شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

آغا غلام النبي)آغا صوفي)

آغا غلام النبي “صوفي” ولد آغا گل حسن سيپٽمبر 1889ع ۾ شڪارپور جي دراني قبيلي ۾ پيدا ٿيو، پاڻ مشهور شاعر ڊراما نويس ۽ سچل جو سوانح نگار ٿي گذريو آهي. سندس والد رياست جو نائب وزير هو، پاڻ جڏهن مئٽرڪ جو امتحان ٿي ڏنائين تڏهن پيپرن جي سوالن جا جواب نثر بدران نظم ۾ ڏنا هئائين. سندس علمي قابليتن کي ڏسندي ميرن کيس رياست جي تعليمي ادارن جو سپرنڊينٽ مقرر ڪيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ مستعفي ٿي لاهور جي طيبه ڪاليج ۾ وڃي داخل ٿيو ۽ اتان سنديافته ٿي شڪارپور ۾ اچي پنهنجو يوناني دواخانو کوليائين شاعريءَ ۾ تخلص پهريائين دراني پوءِ صوفي ڪم آڻڻ لڳو طب تي سندس ڪتاب طبي جواهر سڄو شعر ۾ آهي پاڻ درازي درگاه جو مريد هو. سچل سرمست بالي هڪ ضخيم ڪتاب به لکيائين آغا صاحب 19 جولاءِ 1838ع تي وفات ڪري ويو.

تنهنجي زلف سياه خط خال مٿان قربان سوين هڪ مان نه مٺا

ٿا لات پکي ڏينهن رات لنون، تنهنجي ساره ملڪ بملڪ جون،
تنهنجي در تي نادر ناٿ نون ٿا خان سوين هڪ مان نه مٺا

هڪ زلف اوهان جي ماهه لقا، ڪيا خادم خاقان شاه گدا،
تنهنجي در تي دارا دلربا، دربان سوين هڪ مان نه مٺا

تنهنجا عين مثل الماس ٻئي، سڌ سونهن سندي هر سو ۽ ٻئي،
تنهنجي الفت جا ٿا ڪن ڪيئي ارمان سوين هڪ مان نه مٺا

ڪيئي محبت ملهه خريد ڪيا، ڪيئي پاڪ پريت پليد ڪيا،
تنهنجي ديدن مست مريد ڪيا، سلطان سوين هڪ مان نه مٺا

ڪئي آه “آغا” هي خوب ثنا، وڃ هوت اڳيان پره باد صبا،
ڪن صفت اوهان جي صل عليٰ انسان سوين هڪ مان نه مٺا

( سنڌي زبان ۾ نعتيه شاعري ميمڻ عبدالمجيد سنڌي تان کنيل)