حافظ نثار احمد “حافظ سنڌي”
صورت ڏسي سڄڻ جي، حيران ٿيا هزارين،
حور و ملڪ ۽ رضوان غلمان ٿيا هزارين.
ڇا تاب دلبري آ، ڪٿي قيد هر پري آ، .
سوگها سگهارا سارا سلطان ٿيا هزارين.
مهتاب هت خجل آ، ساجد به جان و دل آ،
اهڙا انهي جي رو تان قربان ٿيا هزارين.
مطلع تي اڀريو اختر، گلشن بڻيو ته بهتر،
سارا سقيم لاغر، خندان ٿيا هزارين.
نوري تمام خادم، مخدوم جا ملازم،
دائم نبي جي درجا دربان ٿيا هزارين.
نارين ۾ تاب ناهي ان جو جواب ناهي،
پيڪر ڏسي پرينءَ جو پروان، ٿيا هزارين.
جلوو جهين جو دلڪش، موهي ڇڏيا پري وش،
پيرين پيادا پهتا، مهمان ٿيا هزارين. .
گوهر فشاني گفتو، جنهن ڀي ٻڌو سو پهتو،
گهر ٻار کي وساري، سلمان ٿيا هزارين.
( محترم محمد ياسين ڪنڀر جي ٿورن سان)
ڪلام حافظ سنڌي مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور