مولوي عبدالقادر عبدي
منجهه عشق تنهنجي محبوب مٺا نالان هزارين آئون نه هڪو،
سي تيغ بره تو ڪيئي ڪٺا غلطان هزارين آئون نه هڪو.
ڪئي چمن حسن اڄ گلزاري ٿيا بلبل نالان چوڌاري،
ڪئي ذات صفت ۾ اظهاري گردان هزارين آئون نه هڪو
ڪيو شمس شعاع ميان مظهر ڪئي نورتجلي منجهه گهر گهر،
بر شمع حسن تو اي دلبر پروان هزارين آئون نه هڪو.
منجهه درد فراق تنهنجي دلبر شب روز ڦرندڙ بحر و بر،
لک مجنون جهڙا ليلي پر ديوان هزارين آئون نه هڪو.
بر حسن حقيقي تو منور، اي پارس پير مغان پرور،
لک ڪهندا ارني شام و سحر مستان هزارين آئون نه هڪو.
منجهه نور تجلي روئي تو لک مست ٿيا ڏانهن بوئي تو،
سو غلطان اندر ڪوئي تو جو شان هزارين آئون نه هڪو.
سين مهر ملو اي منٺار ڪر غور غريب جو غمخوارا،
شب روز وصل تو دلدارا جوبان هزارين آئون نه هڪو.
منهن منور محب لڪائين ڇو هن سڪندي کي تون سڪائين ڇو،
هن دردي کي تون ڌڪائين ڇو خواهان هزارين آئون نه هڪو.
گهنڊ کول حبيبان منهن ڏيکا تون وارث وهلو منهن ويکا،
تون درسن دلبر اڄ ديکا قربان هزارين آئون نه هڪو.
لا غرضي اهڙي يار نه ڪر، سر پنهنجي خون هزار نه ڌر،
اڄ قتل ڪيا تو ساڻ خنجر، هزارين آئون نه هڪو.
منجهه سوز گداا مثل “عبدي” لک عريان عاشق اي احدي،
بر بي پروا در تو صمدي گريان هزارين آئون نه هڪو.
( عبدي جو رسالو محترم مجاهد سولنگي جي ٿورن سان)