ڊاڪٽر وحيد سمائر
تنهنجي حسن جا هر هنڌ هُل ميان، حيران هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي نظرن ڪيئي موهي وڌا انسان هزارين مان نه رڳو.
تون هڪڙو ڀيرو چئه ته سهي ڪيان، تنهنجي مٿان مان جان فدا،
تنهنجي نظرن جا هي تير تکا مستان هزارين مان نه رڳو.
ڏند تنهنجا موتيءَ داڻا هي گفتار تنهنجيءَ تان جان فدا،
تتنهنجي نظرن ۾ ڄڻ آهن ڪي زندان هزارين مان نه رڳو.
هي چنڊ به ڇا هي سج به ڇا، ڪيان ڪنهن سان تنهنجي ڀيٽ مٺا،
تنهنجو ٿورو جلوو جن به ڏٺو، پريشان هزارين مان نه رڳو.
مشتاق اوهان جي صورت جا واجهائندا هِن واٽ پيا،
تنهنجي آڌرڀاءُ جي لاءِ هتي دربان هزارين مان نه رڳو.
هيءَ عمر سموري نوڪر ٿيان، تعريف ڪري مان ڪين ٿڪان،
تنهنجي هڪڙي سڏ تي پهچن ٿا مهمان هزارين مان نه رڳو.