شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

عبدالقيوم جوهر بروهي

مولانا عبدالقيوم جوهر بروهي 28 جنوري 1950ع تي ٿريچاڻي تعلقي پنوعاقل ضلع سکر ۾جنم ورتو. مئٽرڪ درس نظامي ۽ دوره تفسير جا امتحان پاس ڪيل اٿس. ناميارو محقق شاعر ۽ نقاد آهي. 1994ع ۾ بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد مان دعوه ڪورس مڪمل ڪيائين. قاري محمد مدنيءَ وٽ تجويد جو علم پڙهيو. مدرسه عربيه محمديه فريدآباد ۾ سندس گران قدر خدمتون آهن. شاه لطيف جي ڪيترن سرن جو براهويءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو اٿائين. ڪاڇي ۽ ڪوهستان بابت وسيع ڄاڻ رکي ٿو. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. بزم لطيف ميهڙ جو سرپرست اعليٰ آهي. شاعري جي فن کان بخوبي واقف آهي. جوهر تخلص استعمال ڪري ٿو.

تنهنجي قدرت قرب ڪمال اڳيان، حيران هزارين مان نه رڳو،
هر شام و سحر ٿا حمد پڙهن انسان هزارين مان نه رڳو.

ملڪن ۾ چٽيل سج چنڊ ڪتيون، صدين کان ٻرن تارن جون بتيون،
تسبيح ٿا ڳائن صدق منجهان نيشان هزارين مان نه رڳو.

ڪو صفي به آ ڪو خليل به آ، ڪو ذبيح ڪليم جميل به آ،
پر مدني مير محابي مڃن، احسان هزارين مان نه رڳو.

بوبڪر عمر عثمان علي، تسبيح پڙهن ٿا پير ولي،
هر ڀيري اچي ٿا در تي جهڪن، سلطان هزارين مان نه رڳو.

تون دردن منجهه دوا به ڏئين، تون مرضن منجهه شفا به ڏئين،
تنهنجي قدرت حيرت منجهه وڌا، لقمان هزارين مان نه رڳو.

تون رحيم ڪريم ۽ رازق آن، تون عليم بصير ۽ خالق آن،
تنهنجي مهر ڪري آباد ٿيا، ويران هزارين مان نه رڳو.

تنهنجو ڪافي ڪشادو رب در آ، جت سوالي بروهي جوهر آ،
ان در تان وٺن ٿا فيض ڪرم، عرفان هزارين مان نه رڳو.

(محمد ياسين ڪنڀر جي ٿورن سان ناز پروڊڪشن ڪيسٽ نمبر 42 آواز حاجي امداد الله ڦلپوٽو صاحب)