شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

صوفي محمد بخش ڦرڙو

صوفي محمد بخش ڦرڙو ڪافيءَ جو مشهور شاعر ولد ميان علي محمد ڦرڙو خانواهڻ تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهروفيروز جي ڳوٺ ۾ 1889ع ڌاري ڄائو. هوش سنڀالڻ کان پوءِ فقيري اختياري ڪرڻ وقت تلقين ۽ تربيت وقت جي وڏي بزرگ ۽ عالم مولانا عبدالغفور مفتون همايوني کان ورتائين 22ذوالقعد 1371هه مطابق 14 اگسٽ 1952ع ۾ وفات ڪيائين.

تنهنجي تاب حسن بي دست ڪيا، نگهوسار هزارين مان نه رڳو

ڪئي جن جان فدا مئگون مدا دن رين مدا نئين نينهن وڌا
ٿيا فوج حسن ۾ شاه و گدا نروار هزارين مان نه رڳو

ٿيا پار لقا ۾ محبوب مُڪا سي ڪين لڪا،
آيا عشق ۾ پيالا پي ته چُڪا، لکوار هزارين مان نه رڳو

“محمد” ڪيئي مخمور ٿيا، منصور مڙيي مسرور ٿيا
تنهنجي نور ظهور ۾ ڄُور ٿيا، سردار هزارين مان نه رڳو

( امواج محمدي ڪلام ۽ سوانح عمري صوفي محمد فقير ڦرڙو ڀاڱو پهريون تان ورتل (محمد عثمان چنيهاڻي لئبريري جي مالڪ جي ٿورن سان)