شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

فدا حسين فدا

راقم الحروف جو جنم 09. 04. 1959ع تي تعلقي پنوعاقل جي ڳوٺ دادلوء ۾ ٿيو. استادي پيشي سان وابسته رهي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج گهوٽڪي مان 08. 4. 2019ع تي رٽائر ٿيس شاعريءَ سان شغف ڪونهي بس مڙيوئي اندر جو آواز آهي تخلص فدا ڪم آندو اٿم. شاعريءَ جا ابتدائي سبق ڳوٺ جي ڀلوڙ شاعر استاد رحيم بخش بخشل دائودپوٽي مرحوم ڏنا. پوءِ عشق کي استاد ڪري شاعريءَ جو ڪتابڙو عشق ٿيو استاد ڇپايم نثر ۾ دادلوء تاريخ جي آئيني ۾ ۽ پنوعاقل هڪ اڀياس ڇپجي چڪا آهن هاڻي هيءُ ڪتاب حيران هزارين اوهان صاحبن جي هٿن ۾ آهي.

تنهنجي گهور مٺا ڪيئي گهائي وڌا نيشان هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي پيار پرين وڌا، انسان هزارين مان نه رڳو.

واه نرمل پيارا نور نبي تو تي هر دم آهي راز ربي،
تنهنجي در تي ڪيئي ناٿ نمن، سلطان هزارين مان نه رڳو.

پنهنجو جوت جمال پسي، شرمائيا چنڊ ۽ تارا ڪِٿي،
تنهنجي صورت جو مٽ ماه نه ڪو، مستان هزارين مان نه رڳو.

ڪيڏو قادر جو توسان قرب ٿيو، تولئه جڳ جڙي سڀ راس ٿيو،
توتي راضي رب رحمان ٿيو قربان هزارين مان نه رڳو.

تو لئه انس ملڪ حيران رهن، تنهنجي زيارت لئه مستان رهن،
ڏينهن رات “فدا” مشتاق ڦرن، خواهان هزارين مان نه رڳو.


ڪلام 2

تنهنجي جلوي جمال ڪمال ڪيا، حيران هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي روشن رخ رخسار مٿان، مستان هزارين مان نه رڳو.

تنهنجي تاب حسن جي جهلڪ تکي، شرمائيا چنڊ ۽ تارا ڪتي،
فيل مطلب نور نراڙ ڏسي قربان هزارين مان نه رڳو.

تنهنجي نالي مٺي سان ڏين چپ چميون، تو ۾هن رب رمزان رکيون،
سوا لک نبين جون وصفان ڪٺيون، دردان هزارين مان نه رڳو.

تون شاه عجم ۽ شاه عرب، تنهنجو عالم تي رحمت لقب،
توسان راضي هردم رازق رب، پروان هزارين مان نه رڳو.

ڪيڏو قادر جو تو سان ڪرم ٿيو، تنهنجي زلفن جو رب قسم کنيو،
جنهن توکي ڏٺو تن رب کي ڏٺو، نيشان هزارين مان نه رڳو.

آدم ولد سندءِ توڙي والد آ، لولاڪ لما ڏس شاهد آ،
تنهنجوذڪر صلّ عليٰ وارد آ، ثنا خوان هزارين مان نه رڳو.

معراج وڏو ٿيو مان تنهنجو، جبرئيل بڻيو دربان تنهنجو،
خود خالق ٿيو ميزبان تنهنجو، نازان هزارين مان نه رڳو.

توکي شاه شفاعت جو اذن مليو، ولسوف جو توسان واعدو ٿيو،
تنهنجي شان ۾ “فدا” هي شعر چيو، حسان هزارين مان نه رڳو.