نعمت الله سنڌي
ٿيا جلوه گري تان ڪيئي فدا، انسان هزارين مان نه رڳو،
سڀ جن ملڪ ۽ حور پريون غلمان هزارين مان نه رڳو.
جنهن به ٿي ڏٺو هڪ وارکڻي، محبوب جي چهري املهه ڏي،
هڪ ديد مٿان قربان ٿيا، مستان هزارين مان نه رڳو.
مان خُلق عظيم جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان، ساراهه سڄڻ جي صاف صفا،
دشمن به اچي دلبر جا ٿيا، دربان هزارين مان نه رڳو.
جڏهن ڄايو ڄام جي خبر ٻڌي هُت ڪوٽ ڪري پيا ڪسريٰ جا،
سڄي دنيا ۾ ٿي اهڙا ويا، اعلان هزارين مان نه رڳو.
کڻي بوجهه ۽ ڪيئي مجبوريون مٺڙي جي در تي جي آيا،
ڏسي سهڻل جي سخا ڪيئي ٿيا، مهمان هزارين مان نه رڳو.
پنهنجي محب مٺي تان گهور وڃان “سنڌي” جي آهي رب کان دعا،
تنهنجي در جا اچي ٿيا ڪيئي گدا، سلطان هزارين مان نه رڳو.