مولانا عبدالله عبد چانڊيو
تنهنجي حسن جي جوت جمال ڪيا، حيران هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي مشعل منهن تي مست سدا، پروان هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي ابرو تيغ شهيد ڪيا تنهنجي ناز نگاه مريد ڪيا،
تنهنجي ديد خريد مزيد ڪيا، انسان هزارين مان نه رڳو
تنهنجي زلف زنجير اسير ڪيا، نخپير امير وزير ڪيا،
تو تان صدقي پير فقير ٿيا، ۽ جوان هزارين مان نه رڳو
تنهنجي قامت آڏو سرو نمن ٻيا باس ۽ بان به پيا ٿا جهڪن،
نمي نياز منجهان لکين قدم چمن سلطان هزارين مان نه رڳو
سدا درد مندن جا درد دکن، ۽ سڪ وارن جا ساه سڪن،
تنهنجي روءِ ڏسڻ لئه راڄ روئن گريان هزارين مان نه رڳو
چانڊيو“عبد” ڪري ڪهڙي صفت ثنا، دل آهي پريشانيءَ ۾ فنا،
نه ڪي پورا پوندا ورق پنا، ثنا خوان هزارين مان نه رڳو
“احمد ساڻ اپار” مولانا عبدالله عبد چانڊيو جي شاعري
مرتب عبدالسلام چاچڙ)