شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

تقريظ

امام العلماء سيد الفقهاء غوث الزمان حضرت علامه عبدالغفور “مفتون” همايوني صاحب ولايت و ڪرامت بزرگ هئڻ سان گڏوگڏ بلند پايه علامه محقق، مدرس، مصنف، مناظر، صاحب تقويٰ ۽ ڪمال درجي جو شاعر ۽ ڪيترين ئي انيڪ خوبين جا مالڪ هئا، سندن علم جي دريا سان نه فقط سنڌ بلڪه پنجاب مڪران بلوچستان ۽ خراسان سيراب ۽ فيضياب ٿيا. سندن لکيل فتاويٰ جي مجموعي فتاويٰ همايوني کي اڄ به بيحد مقبوليات حاصل آهي. سندن ڪلام جو مجموعو “ديوان مفتون” اڄ به عوام الناس ۾ بي پناهه مشهور۽ مقبول آهي. خاص ڪري سندن ڪلام “تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نه رڳو” کي جيڪا مقبوليت ۽ شهرت حاصل ٿي ان بيان مشڪل آهي. ان ڪلام جي شهرت ۽ مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي جو ڪيترن ئي شاعرن ان ڪلام جي تتبع تي شاعري ڪئي آهي.
زير طبوعه ڪتاب پروفيسر فداحسين ‘فدا’ صاحب جو علمي ۽ تحقيقي شاھڪار آهي جنهن ۾ پروفيسر فداحسين صاحب ان ڪلام جي تتبع تي ڪيل 80 کان وڌيڪ شاعرن جي شاعري کي سهيڙي هڪ هنڌ گڏ ڪري قارئين تي احسان عظيم ڪيو آهي يقينا تحقيق جو ڪم هڪ مشڪل مرحلو آهي. جنهن جو اندازو هر هڪ ليکڪ کي بخوبي هوندو ۽ ان ڳالهه کي ملحوظ رکڻ نهايت لازم آهي ته اها تحقيق مستند ۽ معتبر روايتن ۽ ڪتابي حوالن تي مشتمل هجي. جنهن انداز سان پروفيسر فدا حسين صاحب هڪ عظيم علمي ڪم تحقيقي انداز ۾ سرانجام ڏنو آهي اهو يقينا قابل ستائش و قابل صد تحسين آهي.
آئون ڌڻي در دعاگو آهيان ته شال رب ذوالجلال والاڪرام پروفيسر صاحب جي ان تحقيقي ڪاوش کي شرف قبوليت بخشي ۽ سندن قلم کي اڃا به تقويت بخشي ته جيئن هو پنهنجي قلم ذريعي سونهاري سنڌ جي رهواسين جي تصنيف ذريعي تحقيقي انداز خدمت ڪندا رهن.

دعاگو
صاحبزاده ميان محمد سالم جان هاشمي الياسيني
خانقاه عاليه قاسميه ڳڙهي ياسين ضلع شڪارپور
27 جمادي الاول 1442هه ، 12 جنوري 2021ع سه شنبه