مولانا عبدالغفور“مفتون” همايونيءَ جي ڪافي
حضرت مولانا عبدالغفور “مفتون همايوني رح جن هڪ زبردست عالم ۽ فقيه هجڻ سان گڏ وگڏ قادر الڪلام شاعر پڻ هئا. پاڻ سنڌي سرائڪي فارسي ۽ ٻين ٻولين ۾ به شعرچيو اٿائون.
ديوان مفتون پهرين دفعو حافظ محمد ابراهيم ڳڙهي ياسيني شيام سندر پريس شڪارپور(سنڌ) مان ڇپائي پڌرو ڪيو. جنهن ۾ 49 صفحا سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون (118) شامل آهن. ان کان پوءِ نيازهمايوني صاحب جو مرتب ڪيل ديوان مفتون جنهن ۾ سنڌي۽سرائڪي ڪافيون (جملي 116) سنڌي ادبي بورڊ طرفان سال 1973ع پهريون ڀيرو شايع ٿيو. جنهن جو ٻيو ڇاپو به سنڌي ادبي بورڊ سال 2000ع شايع ڪيو آهي. جنهن مان اول الذڪر بزرگ همايوني صاحب جو شاگرد مولانا محمد قاسم سومري جو ڀاءُ آهي؟ ۽ سندس ڏوهٽي ميان عبدالباقي جو استاد به هو. ۽ سندن ننڍو معاصر پڻ آهي. آخرالذڪر بزرگ همايوني جن جو ڳوٺائي هو سندس والد مولانا صاحب جي خدمت ۾ به رهيو هو.
مولانا مفتون همايوني جي انهيءَ مشهور ڪافي“ تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا” جي ٿلهه لان سواءِ ڇهه بند آهن. جن ۾ مولانا محمد ابراهيم ڳڙهي ياسيني ۽ نياز همايوني صاحب جي مرتب ڪيل ديوان مفتون ۾ غلمان قافيو ڪونه ڏنل آهي ٻيا قافيا به هيٺ مٿي ٿيل آهن.
هيٺ ديوان مفتون مرتب مولانا محمد ابراهيم ناظم ياسينوي نياز همايوني ڊاڪٽرميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو ۽ ٻين سڃاڻ لکندڙن جي قافين وارن بندن جون اختلافي پڙهڻيون هيٺ ڏجن ٿيون. پڙهندڙن جي سڌ لاءِ لکجي ٿو ته ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي اهو غزل پنهنجي ڪتاب سنڌي زبان ۾ نعتيه شاعريءَ۾ ڏنو آهي ڊاڪٽر عبدالخالق راز صاحب اهو غزل مير علي نواز جي ڪلام ڪليات علوي۾ڏنو آهي. مولائي شيدائي صاحب تاريخ سکر ۾علي محمد راشدي اهي ڏينهن اهي شينهن ۾ ۽ خانبهادر محمد صديق ميمڻ پڻ اوائلي سنڌي ليکڪ آهي جنهن پنهنجي سنڌي ادبي تاريخ۾ اهو ڪلام ڏنو آهي.
ڪافيءَجي بندن جون اختلافي پڙهڻيون:
مفتي محمد ابراهيم ناظم ڳڙهي ياسينوي ۽ نياز همايوني
(1) ڪيئي ابرو تيغ شهيد ڪيا ڪيئي ناز مزيد مريد ڪيا
ريءَ ناڻي خريد ڪيا قربان هزارين مان نه رڳو
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي داڪٽر عبدالخالق راز ۽ مولائي شيدائي ۽پير علي محمد راشدي
ڪيئي ابرو تيغ شهيد ڪيا ڪيئي ناز مزيد مريد ڪيا،
ريءَ ناڻي خريد ڪيا سلطان هزارين مان نه رڳو
مفتي ناظم ڳڙهي ياسينوي ۽ نياز همايوني جيڪي مٿي قافيو “قربان” ڏنو آهي. اهو قافيو ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ سنڌي صاحب آخري بند ۾ “مفتون” جي جاءِ تي ڏنو آهي ۽ قربان جي جاءِ تي مفتون تخلص ڏنو آهي.
مفتي ڳڙهي ياسينوي بزرگ ۽ نياز همايوني
(2) تنهنجي جلوي جمال جي عشوه گري ڪيا ملڪ مطيع وسيع وري
ڇا جن ملائڪ حور پري حيران هزارين مان نه رڳو
ڊاڪٽر صاحبان ۽ مولائي شِدائي
تنهنجي جلوي جمال جي عشوه گري ڪيا ملڪ مطيع وسيع وري
ڇا جن ملائڪ حور پري غلمان هزارين مان نه رڳو
جن ملائڪ حور ۽ پري سان قافيو“غلمان” رطب ۾ ۽ ڪڙو ڪڙي سان ملي ٿو شعر ۾ انهيءَ صنعت کي تجنيس مرصع چئبو آهي يعني شعر ۾ شروع وارن لفظن کي ڏسي اندازي سان اڳواٽ سمجهي سگهجي ته ڪهڙو قافيو ڪم ايندو.
ڳڙهي ياسينوي بزرگ ۽ نياز همايوني
(3) ماهِ لقا محبوب مٺا تنهنجي ناز ادا تان جان فدا
ٿيا دامنگير امير گدا حيران هزارين مان نه رڳو
ڳڙهي ياسينوي بزرگ ۽نياز همايوني
(4) دلبر پيارا ڪر نور نظر تون ته سرور عالم جن و بشر.
تو تان قربان تارا شمس و قمر “مفتون”هزارين مان نه رڳو
انهيءَ آخري بند ۾ شاعر جيڪو تخلص ڪم آندو آهي انهيءَ متعلق نالي وارو اديب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب پنهنجي ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ جلد ٻئي ۾ لکي ٿو ته انهيءَ بند معنيٰ ته صحيح آهي پر قافيو ترتيب موجب نه آهي اهو مستان ئي ٿي سگهي پوءِ تخلص ٻي جاءِ تي آڻجي ها. ”
جوڻيجي صاحب جي راءِ وزندار آهي ڇاڪاڻ ته قافيو هم وزن ته آهي پر هم آواز نه آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪلام سهيڙيندڙن کان سهو ٿي ويئي هجي توڙي جو مرتب پاڻ به عالم اديب ۽ شاعر آهن پر لاشعوري طور ائين ٿي سگهي ٿو ٻيو ته ڪلام جو قلمي نسخو به ناپيد هو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جي راءِ کي ڏسجي ٿو ته پوءِ اسان ڏسون ٿا ته ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب ۽ ڊاڪٽر عبدالخالق راز صاحب انهيءَ بند قافيو صحيح صورت ۾ بيهاريو آهي.
ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي ۽ عبدالجبار عبد
دلبر پيارا ڪر نور نظر تون ته سرور عالم جن بشر
تو تان “مفتون” تارا شمس و قمر قربان هزارين مان نه رڳو
ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو، پير علي محمد راشدي ۽ خانبهادر محمد صديق ميمڻ اهو آخري نالي وارو سند هن طرح ڏنو آهي.
دلبر پيارا نور نظر سرور عالم “مفتون” سير،
ٿيا تو تان تارا شمس و قمر قربان هزارين مان نه رڳو.
ڊاڪٽر ميمڻ صاحب ۽ راز صاحب جي قافين جي ترتيب به صحيح آهي ته معنيٰ ۽ مفهوم ۾ به فرق نه آهي بزرگ هڪ قادر الڪلام شاعر هو ۽ شعر جي فني نزاڪتن کان واقف هو.
جيئن ته بزرگ جو نالو عبدالغفور آهي ان ڪري ڪن دوستن غفور کي ڏسندي ان کي غلطيءَ وچان تخلص سمجهيو آهي.
ڪيئي گهايل تنهنجي گهور سندا مخمور غفور سرور سندا
تنهنجي نور حضور ظهور سندا نگران هزارين ما نه رڳو
مولانا صاحب جي انهيءَ نعتيه ڪلام کي ڪن سڄڻن “ڪافي” ته ڪن غزل جي صنف ۾ شمار ڪيو آهي ته وري غزل نما ڪافي سڏيو آهي ته ڪن وري مولود شمار ڪيو آهي.