شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

پنهنجي پاران

بنده پروردگار امت احمد صه نبي
دوست دارِ چار يارم، تاب اولاد علي
مذهب حنفي دارم، امت حضرت خليل
خاڪپائي غوث اعظم زير سايه هر ولي

سڀ تعريفون ان مالڪ حقيقيءَ لاءِ آهن جيڪو سڀني جهانن جو پالڻهار آهي سوين صلواتون ۽ سلام سرور ڪائنات حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن جي ذات مقدس تي جيڪي رسولن جا سردار ۽ خاتم الانبياء آهن. 

حضرت علامه مفتي اعظم مولانا عبدالغفور “مفتون” همايوني بزرگ همه گير شخصيت جا مالڪ آهن سندس ڪمالات جو جڳ معترف رهيو آهي. پاڻ علمي ادبي روحاني فقهي ۽ طبي ميدان ۾ نهايت شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون اٿائون. سندس زندگيءَ جي هر پهلو تي لکڻ لاءِ دفتر درڪار آهن. هر طبقي جو فرد عقيدت ۽ احترام سان پنهنجو ناتو ساڻن ڳنڍيون اچي ٿو آئون به نهايت سڪ منجهان پنهنجي هيءَ ادنيٰ ڪوشش پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان جنهن ۾ سندن زندگي مبارڪ جي ٻن پهلوئن کي پنهنجي بحث جو موضوع بڻايو آهي پهريون سندن والد بزرگوار خليفي حضرت محمد يعقوب همايوني رحه جي وفات کان پوءِ سندن رهيل تعليم جنهن ۾ سندن والد بزرگوار جي شاگرد سلطان محمود سيتپوريءَ کان علاوه سندن والد محترم جي هڪ ٻئي شاگرد مولانا عبدالله سومراڻي واري عرف (محمد يعقوب) جو نالو به شريعت سوانح نمبر ۾ ملي ٿو اهڙي طرح مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَ جو نالو به آيو آهي ان تي مون پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. 
ٻي ڳالهه اها جنهن ۾ چيو ويو آهي ته خليفي محمد يعقوب همايوني صاحب پاٽ شريف جي بزرگ ميان محمود پاٽائيءَ کان خلافت جو خرقو حاصل ڪيو ان کان علاوه بزرگ مولانا عبدالغفور“مفتون” همايوني صاحب لاءِ اهو به لکيو ويو آهي ته پاڻ شعر جي اصلاح ساڳئي بزرگ ميان محمود پاٽائيءَ کان ورتائون ان ڪري انهن روايتن تي به تاريخي نقطي نگاه کان روشني وڌي وئي آهي. ان کان علاوه مولانا “مفتون” رحه جي تعليمي سلسلي ۾ استاد الکل حضرت علامه حافظ عبدالحليم ڪنڊوي جي حالات تي به تفصيل سان لکيو ويو آهي. جنهن ۾ سندن سوانح جي ڪجهه نيون حقيقتون سامهون آيون آهن ان لاءِ مولانا حافظ عبدالحليم ڪنڊوي جي مدرسي “ڪنڊي” کان شروعات ڪئي وئي آهي پوءِ “مدرسو همايون” ۽ “مدرسو شهداد ڪوٽ” جو ذڪر ڪري روايتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي آهي. منهنجي هيءَ دعوي بلڪل ڪونه آهي ته جيڪي ڪجهه بحث هيٺ آندو ويو آهي اهو ڪو حرف آخر آهي بلڪه اڃا به وڌيڪ جستجو سان نيون راهون کلي سگهنديون جن تي وڌيڪ لکي ۽ سوچي سگهبو ڪتاب جو ٻيو حصو بزرگ حضرت علامه عبدالغفور “مفتون” همايوني بزرگ جي شاهڪار ڪافي “تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا. زندان هزارين مان نه رڳو” جون مختلف پڙهڻيون، شهرت ۽ مقبوليت ادبي جائزو ۽ انهيءَ جي تتبع تي سندن همعصر ۽ پوءِ جي شاعرن کانئن متاثر ٿي جيڪا طبع آزمائي ڪئي آهي. انهن مان جن شاعرن جو ڪلام راقم الحروف کي ملي سگهيو آهي ان کي سڪ سان سهيڙيو آهي. 

مون کي جنهن به شاعر جو ڪلام جهڙيءَ طرح مليو آهي ان کي مون جيئن جو تيئن پنهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي پنهنجي طرفان ان ۾ ڪابه گهٽ وڌائي نه ڪئي آهي ان جي هيٺان حوالو به ڏنو آهي ته هيءَ ڪافي ڪٿان ملي آهي. حضرت مولانا تاج حمود امروٽي رحه جي ڪافي ڊاڪٽر سيد محمود شاه بخاري جي ٻن ڪتابن(1) وطن جي آزادي جو امام(پي ايڇ ڊي ٿيسز) ۽ عرفان امروٽي عرف ڪليات حسن ۾ درج ٿيل آهي ٻنهي ڪتابن ۾ بندن جون پڙهڻيون مختلف آهن مون عرفان امروٽي عرف ڪليات حسن جي پڙهڻيءَ کي اختيار ڪيو آهي. جيڪا پهرئين ڪتاب جي ڀيٽ ۾ موزون آهي. مون حتي المقدور ڪوشش ڪئي آهي ته ڪلام کي پڙهي پرجهي خبرداريءَ سان لکان جيئن شاعر جو ڪلام سان هٿ چراند نه ٿئي. جيڪڏهن پڙهندڙن کي ڪٿي ڪا گهٽ وڌائي نظر اچي ته اها ناقل جي چئبي جنهن وٽان ڪلام دستياب ٿيو البته گهڻو ڪلام شاعرن جي رسالن تان کنيو ويو آهي پوءِ به انسان خطا جو گهر آهي ان لاءِ اڳواٽ معافي جو طلبگار آهيان. ڪجهه شاعرن جو ڪلام “مفتون صاحب” واري ڏنل رديف تي نه آهي ليڪن خيال ملندڙ جلندڙ آهي، انڪري انهن جو ڪلام به ڏنو ويو آهي مولانا مفتون همايوني صاحب جي انهيءَ لازوال ڪافيءَ “ تنهنجي زلف جي ڪمند وڌا زندان هزارين مان نه رڳو” جون مختلف پڙهڻيون شهرت ۽ مقبوليت ادبي جائزو ۽ انهيءَ جي تتبع تي سندن همعصر۽ پوءِ جي شاعرن کانئن متاثر ٿي جيڪا طبع آزمائي ڪئي آهي ان هن مان جن شاعرن جو ڪلام راقم الحروف کي ملي سگهيو آهي ان کي سڪ سان سهيڙيو ويو آهي. 

مون کي جنهن به شاعر جو ڪلام جهڙيءَ طرح مليو آهي ان کي مون جيئن جو تيئن پنهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي. پنهنجي طرفان ان ۾ ڪابه گهٽ وڌائي نه ڪئي آهي ان جي هيٺان حوالو به ڏنو آهي ته هيءَ ڪافي ڪٿان ملي آهي. حضرت مولانا تاج محمود امروٽي رح جي ڪافي ڊاڪٽر سيد محمود شاهه بخاري جي ٻن ڪتابن(1) وطن جي آزادي جو امام (پي ايچ ڊي ٿيسز) ۽ عرفان امروٽي عرف ڪليات حسن۾ درج ٿيل آهي ٻنهي ڪتابن ۾ بندن جون پڙهڻيون مختلف آهن مون عرفان امروٽي عرف ڪليات حسن جي پڙهڻيءَ کي اختيار ڪيو آهي جيڪا پهرئين ڪتاب جي ڀيٽ ۾ موزون آهي. مون ھتي المقدور ڪوشش ڪئي آهي ته ڪلام کي پڙهي پرجهي خبرداريءَ سان لکان جيئن شاعر جي ڪلام سان هٿ چراند نه ٿئي. جيڪڏهن پڙهندڙن کي ڪٿي ڪا گهٽ وڌائي نظر اچي ته اها نافل جي چئبي، جنهن وٽان ڪلام دستياب ٿيو البته گهڻو ڪلام شاعرن جي رسالن تان کنيو ويو آهي پوءِ به انسان خطا جو گهر آهي ان لاءِ اڳواٽ معافي جو طلبگار آهيان ڪجهه شاعرن جو ڪلام “مفتون صاحب” واري ڏنل رديف تي نه آهي ليڪن خيال ملندڙ جلندڙ آهي. ان ڪري انهن جو ڪلام به ڏنو ويو آهي. مولانا “مفتون” همايوني صاحب جي انهيءَ لازوال ڪافيءَ جي تنقيدي جائزي ۾ محترم شيخ اياز۽ هڪ ٻئي وڏي عالم۽ علم عروض جي ڄاڻو شاعر مولانا عبدالرحمان ضيائي صاحب جي ڪيل تنقيد کي به پيش ڪيو ويو آهي. شيخ اياز جي تنقيد تي مشهور نقاد مرحوم قربان بگٽي صاحب پنهنجو رايو ڏنو آهي حيرت هن ڳالهه جي آهي ته مفتون صاحب جي اها جڳ مشهور ڪافي شهرت جي بلنديءَ تي پهتل آهي. وقت جي وڏن وڏن عالمن اديبن محققين نقادن ۽ شاعرن ان کي دل کولي داد ڏنو آهي ۽ تحسين جي نگاهه سان ڏٺو آهي. ان جي هر هڪ بند ۾ معنيٰ جا موتي ۽ وڏو سون سمايل آهي ٻولي ۽فن جي پختگي به آهي. عالم سڳورا پنهنجي واعظن ۾ ۽ مداحي حضرات مسجدن ۾ اها ڪافي خوش الحانيءَ سان پڙهندا آهن. “مفتون” جو سڄو ڪلام پنهنجو مٽ پاڻ آهي جنهن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمدﷺ جن سا ڪمال عقيدت جو اظهار آهي. سندس ڪلام پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان هڪ درد مند انسان بي قابو ۽ بي اختيار ٿي وڃي ٿو ليڪن خبر نه آهي ته شيخ اياز مرحوم اها راءِ ڪهڙي بنياد تي ڏني آهي!

ان جي ڪابه وضاحت ٿيل نه آهي بهرحال اها سندس شخصي راءِ ۽ بيجا تنقيد چئبي اهو ڪافيءَ جو اثر ئي چئبو جو پاڻ بزرگ “مفتون” صاحب جي انهيءَ ڪافيءَ جي پر ان جو تتبع به ڪيو اٿائين. 

بزرگ “مفتون” همايوني صاحب جي انهيءَ تتبع ٿي چيل ڪلام کي ڪن ليکڪن پنهنجن ڪتابن۽ مضمونن ۾ گڏ ڪري شايع ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. اهو وچور هن ريت آهي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب “سنڌي زبان نعتيه شاعري” جنهن جو پهريون ڇاپو 1980ع ۾ سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻي پاران شايع ٿيو جنهن ستن شاعرن جو ڪلام ڏنل آهي. ماهوار نئين زندگي رسالي جي مئي جون 1999ع واري شماري ۾محترم محبوب اختر پٺاڻ صاحب پنهنجي ليک “واصف ۽ شعراءِ سنڌ” ۾ پنجن شاعرن جو ڪلام ڏنو محترم عبدالجبار “عبد” سال 2001ع “حيران هزارين” ڪتاب ۾ 22 شاعرن جو ڪلام الحاج رحيم بخش قمر کي ڇڏي جو ان رديف تي نه آهي سهيڙي هڪ سٺي ڪوشش ڪئي. ٽماهي مهراڻ رسالي سال 2017ع واري شماري ۾ محترم مجاهد سولنگي صاحب 12 شاعرن جو ڪلام ڏنو الحاج رحيم بخش قمر جي ڪلام کان علاوه محترم اورنگ زيب ”عاجز” مهر صاحب پنهنجي ڪتاب زلف جي بند ڪمند وڌا) ميان عبدالغفور “مفتون” همايوني احوال ۽ ڪلام ۾ 16 شاعرن جو ڪلام ڏنو جيڪو مزمل پبليڪيشن عبدو پاران سال 2019ع ۾ منظر تي آيو آهي. جنهن ۾ 16 شاعرن مان 14 شاعرن جو ڪلام عبدالجبار عبد صاحب واري “حيران هزارين” ۾ اڳ ئي اچي چڪو آهي. سنڌ ڌرتي پروڊڪشن جي ڪيسٽ واليوم نمبر 42 ۾ اٺن شاعرن جو ڪلام حاجي امداد الله ڦلپوٽي صاحب جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل آهي تازو جامع الفاروقيه مدرسي ڪراچي جي ربيع الاول جي پرچي “الفاروق” ۾پڻ انهي تتبع تي ڪجهه شاعرن جو ڪلام ڇپيو آهي. اهڙيءَ طرح انهن مٿين سڀني تذڪرن جملي شاعرن جو تعداد 33 بيهي ٿو جيڪي راقم الحروف جي سهيڙيل مجموعي کان اڳ منظر تي اچي چڪا آهن. 

هيءُ ڪتاب جيڪو اوهان صاحبن جي هٿن ۾ آهي انهيءَ جملي شاعرن جو تعداد 84 آهي جنهن ۾مٿين ذڪر ڪيل 33 اڳ آيل شاعرن جو ڪلام به شامل آهي باقي 51 شاعرن جو ڪلام نئون آهي جيڪي اڳين تذڪرن۾ شامل ڪونه آهن. پڙهندڙن جي سهولت خاطر اهڙن نون شاعرن جي نالن مٿان “ ستاري” جو نشان لڳايو ويو آهي ته جيئن پڙهندڙ سمجهي سگهن ته انهن شاعرن جو ڪلام اڳ آيل نه آهي. جن شاعرن جا ٻه ٻه ڪلام شامل آهن انهن ۾ سيد محمد اسحاق شاه نقوي محترم سيد رفيق احمد شاهه امروٽي محترم علي اڪبر اسير قريشي مهيسر خادم رفيقي محترم محمد ياسين ڪنڀر ۽ راقم الحروف اچي وڃن ٿا. مرحوم شيخ اياز مرحوم درگاهي ميراڻي صاحب ۽ نذير سنڌي صاحب جا قومي ڌارا تحت ساڳئي گهاڙيٽي تي سرجيل ڪلام به شامل آهن. شاعر حضرات جيڪي رديف استعمال ڪيا آهن اهي هن ريت آهن. 

“هزارين مان نه رڳو، لکين مان نه رڳو، ڪروڙين ما نه رڳو هزارين مان ڇاهيان، حيران ٿيا هزارين هزارين آئون نه هڪو ۽ هزارين پيا ٿيندا وغيره

پڙهندڙن جي سڌ لاءِ عرض آهي ته انهيءَ سلسلي ۾ حضرت مولانا بزرگ “مفتون” همايوني صاحب جي ٻن همعصر نامور عالمن سڳورن مان هڪ سندن قريبي دوست ۽ درگاهه مخاديم کهڙا شريف جي نامور هستي محترم مخدوم الهه بخش عاصي کهڙوي ۽ ٻيو بزرگ “مفتون” صاحب جو شاگرد رشيد مولانا عبدالعزيز قريشي جيڪو پوءِ دارالعلوم ديوبند ۽ سهارنپور به پڙهڻ ويو. اتان موٽي واگهه (ضلعو جيڪب آباد) ۾ اچي مدرسو کوليائين پوءِ پنهنجي مرشد چشموي بزرگ جي مشوري سان علي پور (نور واه لڳ ڀنگرن جي ڳوٺ) ۾ مدرسو جاري ڪيائين پوءِ اتان ڇڏي پنهنجي سالن وٽ فيملي لائين جيڪب آباد ۾ رهيو ۽ اتي به پڙهائيندو رهيو انهن ٻنهي انهيءَ تتبع تي پنهنجون ڪافيون جوڙيون ليڪن افسوس جو گهڻي ڪوشش جي باوجود سندن ڪلام هٿ اچي نه سگهيو مولانا عبدالعزيز قريشي جي پوين سان رابطي رکڻ تي معلوم ٿيو ته سال 2010ع واري مها ٻوڏ سندن ڪتب خانو ۽ مولانا صاحب جي شاعريءَ وارو نوٽ بوڪ ضايع ٿي ويا. مخدوم الهه بخش عاصي کهڙوي مرحوم جي ڪافي لاءِ درگاه مخاديم کهڙا شريف جي سجاده نشين مخدوم نديم احمد هاشمي صاحب جن سان به رابطو رکڻ جي باوجود سندس ڪافي هٿ اچي نه سگهي جو سندن چوڻ هو ته “بياض” اها ڪافي نٿي ملي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب “مولود” مان خبر پوي ٿي ته کهڙن جي بزرگ مخدوم پير محمد جي ڏينهن ۾ “خواجن جي مولودين” جي ٽولي مشهور هئي جن وٽ مخدوم الهه بخش عاصي کهڙن واري جا ۽ ٻين شاعرن جا مولود قلمبند ٿيل هئا. جيڪڏهن ڪو ادبي ذوق رکندڙ دوست جاکوڙ ڪري اهو ڪلام هٿ ڪري سگهي ته بنده ڏانهن ڏياري موڪلي ته انشاء الله ٻي ايڊيشن ۾ سندس شڪريي سان اهو ڪلام شامل ڪيو ويندو. 

آخر ۾ انهن مهربان بزرگن ۽ دوستن جا نالا ڳڻائڻ ضرور سمجهان ٿو جن هن سلسلي ۾ پنهنجا ڀال ڀلايا آهن انهن هستين ۾ آئون درگاه همايون شريف جي سجاده نشين جناب حضرت ميان عبدالباقي صاحب جن جو تهدل سان شڪر گذار آهيان جو پاڻ ڪمال مهرباني فرمائي ڪتاب لاءِ پنهنجي خيالن جو اظهار فرمايائون ۽ دعائون ڏنائون محترم نواز علي شوق صاحب جيڪي علم و ادب جي ميدان جا شهسوار ناليوارا اديب، دانشور ۽ محقق آهن. تن وڏا وڙ فرمائي منهنجي مسودي جو اکر اکر ڪري پڙهيو ۽ ڪتاب بابت ٻه اکر بلڪه چڱا اکر لکي پنهنجا عالمانه ويچار ونڊيا. ان کان علاوه پنهنجي نيڪ مشورن سان بنده جي رهنمائي ڪرڻ فرمائي. ان کان علاوه محترم سيد محمد اسحاق شاه جيلاني عرف غلام علي شاه نقوي صاحب جا هن تتبع تي ٻه نادر ڪلام پڻ بنده ڏانهن ڏياري موڪليا جيڪي هن مجموعي ۾ شامل ٿي هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويا. آئون سندن لاءِ دعاگو ۽ ممنون آهيان. 

ڳڙهي ياسينوي بزرگ عالمن سڳورن جي چشم چراغ محترم صاحبزاده ميان محمد سالم جان هاشمي صاحب جن پنهنجي بزرگ حضرت مولانا محمد ابراهيم ناظم” ڳڙهي ياسينويءَ جو پهريون ترتيب ڏنل رسالو ”ديوان مفتون” جيڪو شيام سندر پريس شڪارپور مان شايع ٿيو هو سو ڪمال مهرباني فرمائي بنده جي ڳوٺ قدم رنج فرمائي هٿئون هٿ ڏنائون. ان کان علاوه مولانا “ناظم” ياسينوي بزرگ جو انهيءَ تتبع تي چيل ڪلام به فراهم ڪيائون ۽ ڪتاب بابت “تقريظ” پڻ لکيائون جنهن لاءِ سندن ٿورا وساري نٿو سگهان. محترم مهربان ساٿي ۽ هردلعزيز شخصيت جناب قمر الدين عطاري صاحب سلطان ڪوٽ ضلعي شڪارپور واري جو به بيحد شڪر گذار آهيان جو مولانا مفتون همايوني بزرگ جي سوانح تي لکيل ڪتاب “هما همايوني” ۽ “ تذڪره مشائخ ڪٽبار شريف” تحفتا موڪلي ڏنا ۽ ڪتاب بابت پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا. پنهنجي راڻي رفيق ۽ دلبر دوست محترم ربڏني ميربحر صاحب سابق اِي ڊي او ايجوڪيشن ۽ حال پرنسيپال روشن تارا اسڪول پنوعاقل جن به پنهنجو پراڻو ساٿ نباهي پنهنجا تاثرات لکيا روهڙي شريف جي سڄاڻ ليکڪ ۽ ناليواري اديب ۽ موسيقي جي ڄاڻو محترم اختر درگاهي صاحب جن به مهرباني ڪئي جو پنهنجي نامور والد مرحوم درگاهي ميراڻي صاحب جن جي ڪلام جي عنايت ڪرڻ فرمائي. پنهنجي هڪ ٻئي ڪرم فرما دوست نعت گو شاعر ۽ سيرت اڪيڊمي شهداد ڪوٽ جي روح روان جناب پروفيسر سيد گل محمد شاهه بخاري جن جو به احسانمند آهيان جو پنهنجو ڪلام واٽس ايپ ڪيائون. مجاهد سولنگي صاحب ليڪچرر آءِ بي اي نوابشاهه جن جو به ٿورائتو آهيان جو مولانا عبدالقادر “عبدي” سولنگي صاحب جو ڪلام موڪلي ڏنائون. نامياري شاعر ۽ اديب محترم ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي صاحب جا ڳڻ ڳائڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهان جو انهيءَ تتبع تي پنهنجا ٻه ڪلام ۽ محترم رياض احمد چنجڻي جو ڪلام ڏياري موڪليائون. جاتي ضلعي سجاول جي اديب شاعر ۽ ڪتاب “ٺٽو صدين کان” جي مصنف محترم رسول بخش تميمي صاحب جن به پنهنجا ڀال ڀلايا جو پنهنجي شاعريءَ جو ڪتاب “طرب وطن” بنده راقم ڏانهن ڏياري موڪليو. جنهن مان انهيءَ تتبع تي سندن ڪلام مليو جيڪو هن ڪتاب جي زينت بڻيل آهي راڻيپور جي جاکوڙي جوان ورڪشاپ مڪينيڪل انجن يئر ايريگيشن محترم بشير احمد ڪلهوڙي جا ٿورا به وسارڻ جهڙا نه آهن جو مرحوم الحاج رحيم بخش قمر لاکي صاحب جي انهيءَ تتبع تي چيل ناياب ڪافي وٽنئس ئي دستياب ٿي سگهي ان کان سواءِ پاڻ تڪليف وٺي بنده جي عرض ڪرڻ تي مخدوم الهه بخش عاصي کهڙوي جي مٿي ذڪر ڪيل ڪافي لاءِ کهڙا شريف ويوو ۽ اتان جي اديب دوستن سان مليو ليڪن مذڪوره ڪافي نه ملي سگهي. “چنهياڻي لئبريري ڪنڊياري” جي مالڪ ۽ علم ادب سان چاهه ۽ ڄاڻ رکندڙ شخصيت محترم محمد عثمان صاحب جن به ادب دوستيءَ جو ثبوت ڏيندي مولانا مفتون جي سلسلي جي شاعر ۽ سندن فرض يافته صوفي حضرت محمد بخش ڦرڙي جي ڪافي واٽس ايپ ڪري موڪلي جنهن لاءِ آئون سائين جن جو به احسان مند آهيان محترم مولانا محمد رمضان مهيري صاحب جن جا به وڏا قرب جو انهيءَ سلسلي جي هڪ نامور لاڙ جي عالم دين مولانا علي محمد مهيري جي سوانح تي لکيل ڪتاب “تن پنهوارن پچار” ۽ مولانا صاحب جا ڪجه ٻيا ڪتاب ۽پنهنجو لکيل ڪتاب تاريخ گولاچي” ارسال ڪيائون جنهن لاءِ سندن شڪريو ادا ڪرڻ پنهنجي لاءِ واجب ٿو سمجهان پنو عاقل جي شاعر حضرات مان مولوي ثناءُ الله جتوئي صاحب ۽ محترم محمد بچل سميجي جو ڪلام مشهور ۽ سريلي نعت خوان محترم محمد يوسف سومري صاحب جي وساطت سان موصول ٿيو پنوعاقل جي ڄاتل سڃاتل شاعرن محترم بيخود بلوچ ۽ اسد چاچڙ محترم محمود مخمور ملڪ ۽ محترم حافظ عبدالجبار جتوئي انهن سڀني صاحبن به مهرباني فرمائي پنهنجو ڪلام بنده ڏانهن عنايت ڪرڻ فرمايو. 

صوفي بزرگ حضرت لعلڻ سائين “درگاهه لعلڻ سائين مست بخاري جي فرزند محترم سائين غلام ميران شاهه صاحب جن به پنهنجا ڀال ڀلائي پنهنجي والد بزرگوار جي سرائيڪي ڪافي ڏياري موڪلي جيڪا هڪ بيش بها اضافو آهي. 

پنوعاقل جي ڳوٺ سلطان پور جي نوجوان ۽ بهترين نعت و شاعر ۽نعت جي ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪ محترم محمد ياسين ڪنڀر جو جيڪڏهن ذڪر نه ڪيان ته ڳڻ چور ٿيندس جو پاڻ فراخدليءَ جو مظاهرو ڪندي ڌرتي پروڊڪشن ڪيسٽ واليوم 42 حاجي امداد الله ڦلپوٽي صاحب مشهور نعت خوان جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيل شاعرن کان علاوه ڪجهه ٻين شاعرن جو ڪلام ۽ مولانا عبدالله “عبد” چانڊئي جي تصوير فراهم ڪيائون. جنهن لاءِ سندن وڏا وڙ ۽ احسان سمجهان ٿو مشهور نعت خوان حاجي خان محمد چاچڙ صاحب جا به وڏا قرب جو “عبدالجبار “عبد” جو ڪتاب حيران هزارين ڏنائون پنهنجي پراڻي رفيق ۽مهربان دوست محترم مير مرتضيٰ ڪلوڙ صاحب ليڪچرر سنڌي هميشه وانگر منهنجو ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو ماهوار نئين زندگي رسالي جو مئي جون 1999ع وارو شمارو آڻي ڏنائين جنهن۾ محترم محبوب اختر پٺاڻ صاحب واري ليک ۾ انهيءَ تتبع تي پنجن شاعرن جو ڪلام مليو سندن فرزند مزمل حسين جو به سهڪار شامل حال رهيو جو انٽر نيٽ تان متعلقه مواد هٿ ڪري ڏيڻ ۾ راقم الحروف جي مدد ڪئي. ڪتاب جي ڪمپوز محترم ساجد حسين آچراڻي نهايت محبت ۽ جان فشانيءَ سان راقم جي اڳين ڪتابن جيان هن ڪتاب جي به سهڻي ڪمپوزنگ ڪئي. جنهن لاءِ آئون ان جو به ٿورائتو آهيان. ڪتاب جي هر مرحلي جي نگراني توڙي سهڻي ڇپائيءَ جو سِهرو اڳ جيان مانواري سڄڻ محترم شوڪت چاچڙ صاحب جي سِر تي سونهين ٿو جنهن صاحب پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي پنهنجو ڪم سمجهي پنهنجي فني مهارت سان ڪتاب کي پاييه تڪميل تي پهچايو سنس شڪريي ادائي لاءِ مون وٽ اهڙا لفظ ئي نه آهن جو قرطاس تي آڻيان. بس ڀلائيءَ جا ڀاڙا ڌڻي کيس ڏيندو. 

آخر ۾ هن ڳالهه جو ذڪر ڪندو هلان ته منهنجي چاچي مرحوم استاد غلام محمد محمدي جن کي هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جو شدت سان انتظار هو پاڻ هر لمحي راقم الحروف کان ان بابت پڇندا ۽ معلومات وٺندا رهيا ته ڪتاب ڪڏهن ٿو ڇپجي؟ آئون ان بابت کين آگاهه ڪندو رهندو هوس ته سڄو مواد ڪمپوز ٿي ماهرن ڏانهن راين لاءِ موڪليو آهي. اهو ٻڌي کين اطمينان حاصل ٿيندو هو پاڻ بزرگ همايوني رحه جي تتبع تي سيد محمد اسحاق شاه نقويءَ جي چيل ڪافيءَ کان ڏاڍو متاثر هئا ان جي بند ٻڌڻ جي اڪثر فرمائش ڪندا هئا. 

الحمد رکي هڪ لام بطن، ڪير مخفي فاتحه نام سڄڻ

ان احمد تي گلفام ڇڪن، چڪچور هزارين مان نه رڳو

جيئن ته پاڻ سچا عاشق رسول اللهﷺ هئا اهو بند ٻڌڻ سان سندن اکيون اشڪبار ٿي وينديون هيون ۽ چوندا هئا ته بزرگ همايوني جي ڪافي ته پنهنجو مٽ پاڻ آهي ليڪن هن شاعر به ڪمال ڪيو آهي. افسوس جو هيءُ ڪتاب پريس ڏانهن وڃي رهيو هو ته سندن حياتيءَ جو ماڻ ڀرجي آيو ۽ اسان کي جدائي جو داغ ڏيئي اجل جي پيغام کي لبيڪ چوندي 1 جنوري 2021ع مطابق 16 جمادي الاول 1442هه بوز جمعت المبارڪ صبح صادق جو 4:30 وڳي پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليا (انا لله وانا اليه راجعون) 

دعا آهي ته الله تبارڪ وتعاليٰ سندن درجات بلند فرمائي. آمين مون کي اميد آهي ته منهنجو هيءُ ادنيٰ پورهيو سنڌي ۽ اسلامي ادب توڙي تصوف ۾ هڪ اهم اضافو ثابت ٿيندو. 


خاڪپاءِ اولياء

پروفيسر فدا حسين فدا
ڳوٺ دادلوء
27 1پريل 2021ع
14 رمضان المبارڪ 1442هه