شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

ضياءُ الدين “ضيا” خياروي

ضياءُ الدين “ضيا” خياروي ولد پير غياث الدين پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ 1937ع ۾ ڄائو. نوابشاه ضلعي جي مشهور ضلعي جي مشهور درگاه خياروي شريف جو چشم چراغ هو. سنڌي فائنل ۽ اديب فاضل سنڌي پاس هو. ڪافي وقت پرائمري استاد رهيو. 1959ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. ضياءُ الدين ايس بلبل کان شاعريءَ جي اصلاح ورتائين. شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين. جيڪا سنڌي جي مشهور رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي. سندس شاعريءَ جو مجموعو ڪشڪول سخن قلمي صورت ۾ موجود آهي.

تنهنجي جوت جمال ڪمال سندا، جنسار هزارين هڪ نه رڳو
ريءَ تيل ڦليل ۽هار سوا، سينگار هزارين هڪ نه رڳو

تنهنجو ناز نئون انداز پرين، ريءَ ساز سٺو آواز پرين،
تنهنجي ٻولي مٺي ممتاز پرين، اسرار هزارين هڪ نه رڳو

تنهنجو حسن هزار بهار عجب سونهن سراپا اسرار عجب،
تنهنجي قامت قد، مقدار سبب، خمدار هزارين هڪ نه رڳو

تنهنجو ظاهر نور ظهور شهر بحر بر مشهور ٿيو،
مشهور “ضيا”گهڻو طور ٿيو، ڪوهسار هزارين هڪ نه رڳو.

(نوابشاه ضلعو ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي جي ڪتاب تان)