شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

فقير سيد لعلڻ سائين صوفي القادري

فقير سيد لعل شاه المعروف لعلڻ سائين مست بزاري سيد جهنگل شاه جي حويليءَ ۾ سال 1930ع ۾ ڳوٺ حاجي مولودي تعلقي ۽ ضلعي گهوٽڪي ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان سندس لاڙو فقيريءَ ڏانهن هيو انڪري رواجي ٻه ٽي درجا سنڌي پڙهيا حق جي تلاش۾ جهانپور تعلقي گهوٽڪي جي صوفي درويش سيد انور علي شاهه بخاريءَ جا قادري سلسلي ۾ دست بيعت ٿيا. مرشد ڪامل کين پنهنجي ڳوٺ ۾ آستانو ٺاهي خدا جي مخلوق کي فيض ڏيڻ جو امر فرمايو. سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جي گادي نشينن سان سندن تعلقات هئا. پاڻ سنڌ جي روايتي درگاهي راڳ ويراڳ جي صف اول جي ويراڳين منجهان هئا. موج ۽ مستيءَ ۾ اچي بيهي ڳائيندا هئا. پاڻ صوفي شاعر هئا. سندن ڪلام پنجن زبانن سنڌي سرائڪي اردو فارسي ۽هندي زبانن تي مشتمل آهي. تخلص لعلڻ اٿن. سندس ڪلام ۾ سوز و گداز تصوف جا باريڪ نڪتا ۽ اونها راز سمايل آهن سندس رسالو لعلڻ لک لباس تازو شايع ٿيو آهي. پاڻ ساري زندگي ڪارو لباس زيب تن ڪيو پاڻ ست لاهوت ڪيا هئائون. هيءُ دريگانو 26 مارچ 1998ع تي بقا جي ملڪ ڏانهن راهي ٿيو. ڳوٺ حاجي مولودي ۾ پنهنجي درگاه شريف ۾آسوده خاڪ آهن. جنهن بعد سندن وڏو فرزند فقير سيد والي شاهه سندن مسند تي ويٺو جيڪو پڻ پنهنجي والد وانگر سٺو شاعر ۽ وراڳيهو، تاز اپريل 2021ع ۾ والي شاه هي جهان ڇڏيو سندس تدفين به صوفياڻي رنگ سان ٿي. سند ٻيو فرزند سيد غلام ميران شاه پڻ فقرائي رنگ رڱيل ۽ ادبي ذوق رکندڙ آهي.

تيڏي پاڪ حسن دا بيان آکهان، کيا حور وملڪ غلمان آکهان،
تيڏي خاطر هر دوجهان بڻيا، چوڏهن طبق اُتي آسمان بڻيا.

بر بهشت عدن رضوان بڻيا، جن ديو بشر آکهان،

اُتون شمس و قمر قربان ٿيون بردا ماه مصر ڪنعان ٿيون،
حضرت يوسف جيهي حيران ٿيون توڙي طور سينا تابان آکهان.

بديعل باغ ارم بستان کجا، شاه سيفل سر سلطان کجا،
جيئن تخت هوا سليمان کجا، ڪيئي مجنون جيهي مستان آکهان.

شاه ملڪ محمود اياز هو ون، سوين ناز غماز انداز هوون،
شهباز هوون پرواز هو ون، تک لعلڻ سر لاثان آکهان.

تيڏي شان اتي صلوات پڙهن، ۽ ذات صفات تي نعت پڙهن،
ساري زمن زمين ڪلمات پڙهن لٿا “لعلڻ” اتي قرآ آکهان.