پروفيسر سيد گل محمد شاهه گل بخاري
.
تنهنجي عظمت شوڪت شان مٿان، قربان لکين هڪ مان نه رڳو،
تنهنجي قرب ڪرم احسان مٿان قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجو شان پڇي ڪو خدا کان پڇي ڪم علم بشر ڪهڙي خبر،
تنهنجي رتبي مقام ۽ مان مٿان، قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
بي علمن کي تو ٿي علم ڏنو، بي فيضن کي توڻي فيض ڏنو،
تنهنجي فيض عطا فرمان مٿان، قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
تو ئي مينهن وسايو رحمت جو، ويو دور جهان مان زحمت جو،
تنهنجي رحمت جي باران مٿان، قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجي روح مبارڪ انور آ، تنهنجو جسم مبارڪ اطهر آ،
تنهنجي پاڪ بدن جانان مٿان، قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
جنهن توکي پسيو سو تنهنجو ٿيو، توتان ساه به ان قربان ڪيو
تو سان پيار ڪندڙ انسان مٿان قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
توکي قادر جو قرآن ڏنو، سو آهي هدايت جو مرڪز،
ان قادر جي قرآن مٿان، قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجي شهر ۾ رهندڙ هر هڪ تان، ننڍي ٻار جوان ۽ جهور مٿان،
تنهنجي روضي ماڳ ۽ مڪان مٿان، قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
تو ريت جي ذري ذري کي، شاداب ڪيو گلزار ڪيو،
تنهنجي “گل” ڦل ۽ بستان مٿان، قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
(نعتيه ديوان برهان شريف از سيد گل محمد شاهه بخاري)