ادبي جائزو
جيئن ته ڪافيءَ جو ٿلهه مرڪزي حيثيت جو حامل هوندو آهي.
انهيءَ جا سڀيئي بند ڪافيءَ جي ٿلهه سان موافقت رکندا آهن. ۽ اهو ڳانڍاپو آخر تائين سلسليوار قائم رهندو آهي. ائين کڻي چئجي ته سڄي ڪافيءَ ۾ شاعر جو مرڪزي خيال انهيءَ هڪ ئي نقطي (ٿلهه) کر مرڪز هوندو آهي مولانا صاحب جي اها ڪافي انهن سڀني ڳالهين تي پوري اچي ٿي ڪافيءَ ۾ ٿلهه کان پوءِ ڇهه بند آهن جيڪي سڀ جا سڀ مضون ۾ ٿلهه سان سلهاڙيل آهن. ۽ ڪڙي ڪڙي سان مليل آهي بزرگ جيئن ته هڪ نامور جيد عالم دين هو فقهه۽ فتويٰ ۾ سندس بلند مقام هو. اهڙي طرح سنڌي شاعريءَ جي مقبول صنف ڪافي ۾ به سندس شمار چوٽيءَ جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. انهيءَ چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُنه آهي ته پاڻ ڪافيءَ جا باڪمال ڪافي گو شاعر آهن. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ مرحوم به شاعريءَ جي ميدان ۾ سندس بلند مرتبي جو معترف هو هڪ هنڌ پنهنجي شعر ۾ چوي ٿو:.
مٽ نه “مفتون” سان ڪڏهن ٿيندين قليچ،
ناهي حاصل سا توکي طبع رواني جاني.
مولانا مفتون همايوني جي انهيءَ ڪافي لاءِ ڪجهه سڃڻن پنهنجا رايا ڏنا آهن
شيخ اياز چوي ٿو ته مفتون همايوني جي سڄي ڪافيءَ جي اها هڪ سٽ ئي پڙهڻ جهڙي آهي.
شيخ اياز جي ان راءِ کي رد ڪندي امداد حسيني صاحب ٽماهي مهراڻ 1961ع واري شماري ۾ پنهجي لکيل مضمون لفظ نه آهن کيڏوڻا ۾ لکي ٿو ته مفتون همايونيءَ اهو سڄو غزل سون ۾ تورڻ جهڙو آهي. ” ان ڪلام کي سنڌ گير شهرت حاصل آهي. اڄ به اهو ڪلام پڙهجي ۽ ٻڌجي ٿو هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي شاعريءَ ۾ ان کي دائميت جو عنصر چئجي ٿو ان جو گهاڙيٽو ٻولي خيال ۽ قافين جو سٽاءُ حيرت انگيز طور تي متوازن آهي اهي غير معمولي سٽون آهن وڏي ڳالهه اها آهي ته اهو سڀ لاشعوري طور تي سر ست سريءَ ۾ پوئجي ويون آهن.
مشهور نقاد ۽ محقق محترم قربان بگٽي مرحوم به شيخ اياز جي مٿئين راءِ تي تنقيد ڪندي لکي ٿو ته مولانا مفتون همايوني صاحب جو اهو سڄو ڪلام تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا زندان هزارين مان نه رڳو ڪلام ڪيڏو نه شاعرانه خوبين سان معمور آهي. ”
راقم الحروف جي خيال موجب حضرت علامه مولانا مفتون جي ڪافي تي شيخ اياز جيڪا راءِ ڏني آهي ان ۾ ڪوبه وزن نه آهي ان ڪري ان تي وڌيڪ تبصرو نٿو ڪجي.
مولانا عبدالرحمان ضيائي سعدي سنڌ مولانا بهائي جو فرزند سنڌي ۽ فارسيءَ جو سٺو شاعر هو. ان صاحب به هن ريت پنهنجو ويچار ونڊيو آهي. دادا سنڌي لکي ٿو ته هڪ دفعي ڪچهري ڪندي غزل جي ٽيڪنيڪي پهلو تي گفتگو ٿي مولانا عبدالغفور همايونيءَ جي غزل:
تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا زندان هزارين مان نه رڳو
جو ذڪر ڇڙيو مون کان پڇيائون ته هن غزل ۾ نظري ۽ فڪري غلطي ڪهڙي آهي؟ جيتوڻيڪ فني ۽ ٽيڪنيڪي لحاظ کان اعليٰ آهي پر معنوي لحاظ کان ضعيف آهي مون چيو ته قبلا اوهين ئي روشني وجهو چوڻ لڳا ته محبوب جي هر شيءِ هر ادا به محبوب هوندي آهي ان جي ڪڙائي ۾ مٺاڻ ۽ جدائي ۾مزو هوندو آهي محبوب جي قيد کي زندان سڏڻ ۽ زلف جي ڪمند کي بند سڏڻ نظري فڪري ۽ معنوي لحاظ کان گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نظر ۾ ٺيڪ نه آهي. ”
محبوب جي ڪڙائيءَ ۾ برابر مٺاڻ آهي. لطيف سائين فرمائي ٿو ته:
پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي،
ڪانهي ڪڙائي چکين جي چت ڪري.
مولانا ضيائي جو اهو چوڻ ته محبوب جي قيد زندان سڏڻ ۽ زلف جي ڪمند کي بند سڏڻ سندس نظر ۾ ٺيڪ نه آهي.
سندس انهيءَ ڪلام جي لفظن(بند، ڪمند ۽ زندان) تي معنيٰ طلب لفظ:
بند* بند ٿيڻ قيد ڪرڻ قابو ڪرڻ ٻڌجي وڃڻ باندي ٿيڻ داءُ پيچ ور وڪڙ داءُ يا وجهه ۾ قابو ڪرڻ
ڪمند: مضبوط رسو چمند( کاٻر جو وٽيل رسو جيڪو کجيءَ تي چڙهڻ لاءِ چاڙهو چيلهه سان ٻڌندو آهي) ڦاهيءَ جو ڦندو.
زندان: بنديخانو قيد جيل عشق جو قيدي عشق جو گرفتار(فيروزاللغات)
شعر جي انهيءَ سٽ جو حاصل مطلب : مولانا صاحب پنهنجي انهيءَ ڪافيءَ جي ٿلهه ۾ محبوب جي زلفن مبارڪن جو فڪر ڪندي فرمائي ٿو ته اي سهڻن زلفن وارا سائين تنهنجن انهن ڪارن ڪنڊيدارن زلفن مبارڪن مون کي اهڙو ته ڪمند(رسي) سان مضبوط ٻڌي بند(سوگهو) ڪيو آهي جو مان انهيءَ بن جو باندي آهيان ۽ زندان ۾ آهيان يعني تنهنجي عشق ۾ گرفتار آهيان. انهيءَ زندان ۾ رڳو هڪ مان نه پرمون جهڙا هزارين گرفتار آهن.
جيئن ته بند لفظ جي ٻي معنيٰ داءُ پيچ ڏنگ ونگ داءُ يا وجهه ۾ قابو ڪرڻ به آهي. انڪري هيءَ معنيٰ به نڪري ٿي. اي محبوب! تنهنجي ور وڪڙ زلفن مبارڪن اهڙو ته داءُ يا وجهه هڻي وڪڙ ۾ آندو آهي جو انهيءَ پريت جي پيچ ۾ ۽ نينهنن جي ناتي ۾ مون جهڙا هزارين زندان ۾ جڪڙيل آهن يعني باندي اسير يا گرفتار آهن.
هاڻي ڏسو ته شعر جو مفهوم پنهنجي معنيٰ ۽ مطلب ۾ڪيڏو نه واضح ۽ چٽو آهي. ليڪن ضيائي صاحب “بند” لفظ جي معنيٰ جي مغالطي سبب زلف جي ڪمند کي بند سڏيو آهي. حالانڪ هتي بند فارسي لفظ جي ٻي معنيٰ پيچ داءُ ڏنگ ونگ ۽ ور وڪڙ به آهي. جيڪي زلفن جي بند کي عاشقن لاءِ ڪمند سڏيو آهي اهڙيءَ طرح زندان لفظ به ائين آهي ته انهيءَ پريت جي پڪي پيچ ۾ڪيئي عاشق صادق جڪڙيل ۽ سوگها آهن يعني زندان ۾ آهن.
حاصل مطلب ته انهيءَ شعر ۾ ڪي به علمي موشگافيون نه آهن. اهو مولانا ضِيائي صاحب جو پنهنجو خيال آهي جو ڇڪي تاڻي وڃي پنهنجي تاويل ڪئي اٿائين. حالانڪه ضيائي صاحب عربي فارسي ۽ سنڌي زبانن جو وڏو عالم، شاعر ۽ علم عروض کان به ڀليءَ ڀت واقف هو ليڪن سندس ذهن زلف جي ڪمند کي بند سمجهڻ ۾ ٻئي پاسي هليو ويو آهي.
ساڳئي تتبع تي پير سيد ابو صالح شاهه جيلاني پڻ ساڳي ڳالهه ڪئي آهي. چوي ٿو“تنهنجي زلف جي پيچ اسير ڪيا” خود مولانا ضِيائي حضرت مولانا مفتون جي ڀران پنهنجي ڪافي پڻ چئي آهي ان جي آخري بند ۾ چوي ٿو:
انهيءَ زلف دراز جي دام اندر ٿيا قيد ڪروڙين شام و سحر،
۽ مثل ضيائي خاڪ بسر، پريشان هزارين مان نه رڳو.
هاڻي سندس انهيءَ بند جي لفظ دام تي راقم الحروف کي به اعتراض آهي (دام) لفظ جي معنيٰ آهي* پکين کي ڦاسائڻ لاءِ چوڻ وجهڻ، ڄاراڏڻ ڄار ۾ ڦاسائڻ، حرفت ۽ دوکي سان شڪار ڪرڻ ناحق بند ڪرڻ دام ۾ڦاسائڻ جو اصطلاح سنڌي ٻوليءَ ۾مٿين معنيٰ ۾ ئي استعمال ڪجي ٿو ته پوءِ ڇا محبوب حقيقي جو حسن و جمال ۽ زلف مبارڪ عاشق صادق کي ڪوڙو ڏيک ڏيئي يا مجازي موهي پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿا جو هو ويچارو ناحق ۽ اجايو انهيءَ ڄار يا قيد ۾ ڦاسي پوي ٿو.
مولانا ضيائي صاحب جي شعر جي معنيٰ به هتي سندس مقرر ڪيل اصول موجب ساڳي بيهي ٿي. جيڪا پاڻ سائين بزرگ همايوني صاحب لاءِ لاڳو ڪئي اٿائين. بلڪه ائين نه آهي سندس حاصل مطلب هي آهي،
يعني اي محبوب! تنهنجي انهن سهڻن ڏنگن يعني ور وڪڙن وارن مبارڪن مون کي اهڙو ته ڄار ۾ ڦاسايو آهي جو انهيءَ بند ۾ (دام ۾ ) ڄار ۾ ڪروڙين عاشق ويچارا قيد آهن يعني ڦاٿل آهن هتي دام مان ٻي معنيٰ بند به نڪري ٿي ته پوءِ ائين چئي سگهبو ته محبوب جي زلفنمبارڪن جا جيڪي قيدي آهن سي ناحق بند ۾ آهن. هر گز نه.
غلام محمد شاهه گدا جنهن کي سنڌي غزل جي بادشاه شاعر مير عبدالحسين خان سانگي پنهنجو استاد سڏيو آهي. ان جي هڪ غزل جي مصرع آهي.
اها ئي آرزو منهنجي اها ئي اشتياق آهي،
ڪريان آءٌ طوق گردن جو سندءِ زلف مسلسل کي
زلف مسلسل پيچيده زلف جيڪي محبوب جي ڳلن ۽ گردن تي پون ٿا انهن کي شاعر ڳچيءَ جو هار سڏي ٿو. جنهن کي گلوبند به چوندا آهن. محبوب جي خمدار زلفن مبارڪن جو ذڪر سپورنج سگهڙن کان وٺي عروض توڙي صوفي شاعرن پنهنجي پنهنجي ڪلام ۾ نهايت اعليٰ پيرايي ۾ ڪيو آهي. پر بزرگ علامه مفتون همايوني جي هن بند ۾ جيڪا ڪشش بيان جي سگهه ۽ قدرت آهي. اها سندس ئي حصي ۾ آئي اهي. محترم الطاف آثيم صاحب سابق ايڊيشنل ڊائريڪٽر سچل چيئر شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور راقم الحروف کي نياز همايوني جي حوالي سان ٻڌايو ته سندس (ناز همايوني جو) والد ٻڌائندو هو ته اها ڪافي بزرگ همايوني صاحب به جهونگاريندا هئا. ان وقت سندن اکين مان ڳوڙهن جون قطارون وهي نڪرنديون هيون.
حقيقت هيءَ آهي ته اسان جي مڙني شاعرن نعت شريف جي سڀني لوازمات جو ادب ۽ احترام ملحوظ رکيوآهي ۽ پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو آهي. تشبيهون استعارا ۽ محاورا با مقصد بيان ڪيا آهن. هن مجموعي ۾ جن به شاعرن جو ڪلام آيو آهي. انهن مان اڪثر شاعر ته وڏا عالم فاضل عربي فارسي ۽ سنڌي جا بلند پايه شاعر آهن. هر هڪ جي شاعريءَ ۾ پنهنجو پنهنجو رس ۽ چس آهي. حاصل مطلب ته بزرگ مفتون صاهب جي انهيءَ ڪافيءَ ۾ لفظن جي جڙاوت لفطن جو صحيح انتخاب بندش توڙي بيان جو انداز مولانا صاحب جهڙو عارف ڪامل ۽ با ڪمال شاعر ئي ادا ڪري سگهي ٿو. هيءُ ڪلام سنڌي نعتيه شاعريءَ منفرد ۽ اعليٰ مقام رکي ٿو. جو ڪو به شاعر مولانا صاحب جهڙو خيال پيش نه ڪري سگهيو آهي. حق اهو آهي ته ڪلام جي لفظي ۽ معنوي دلڪشي فڪر جي صحت تخيل جي بلندي ۽ انداز بيان جي ڪمال جي لحاظ کان هيءُ ڪلام پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
سڀني شاعرن سرڪاِ دو عالم ﷺ جن جي شان ۾ مدح سرائي ڪندي پنهنجي علم ۽ ادراڪ جي ڪوتاهيءَ جو اعتراف ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته سندن ﷺ واصف خود رحمان آهي ته پوءِ عاجز انسان سندن شان مبارڪ ڇا بيان ڪري سگهندو جنهن جو شان ورفعنا لک ذکرک آهي. بس هر هڪ پنهنجي فهم ۽فراست موجب مٽيءَ آهر هوڪو ڏنو آهي
بعد از خدا بزرگ توئي قصه مختصر.