شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

سيد سراج احمد شاهه

سيد سراج احمد شاهه ولد حافظ محمد جعفر شاه ڳوٺ نور محمد شجراهه تعلقي خانپور ضلعي شڪارپور ۾ سال 1973ع ۾ ڄائو (بي اي) تائين تعليم حاصل ڪئي اٿائين. شاعريءَ ۾ استاد سيد رفيق احمد شاه امروٽي اٿس. سندس ڪتاب شفق تي رتي شام شايع ٿيل آهي. سندس عشقيه ۽ قومي گيت فنڪار شمن ميرالي ڳايا آهن.

پرور تو اڳيان پهچائن ٿا، فرياد لکين هڪ مان نه رڳو،
ڪجهه اهڙيءَ طرح دانهن جو گهرن ٿا داد لکين هڪ مان نه رڳو.

مخلوق سڄيءَ جو خالق تون ۽ رزق ڏئين ٿو رازق تون،
پوشاڪ به پائن ۽ کائن ٿا، کاڌ لکين هڪ مان نه رڳو.

سڀ سمنڊ نديون ۽ درياه جبل، توڻي ته رکيا ڪينجهر ۾ ڪنول،
انسان گلستانن ۾ ڪيئه آباد لکين هڪ مان نه رڳو.

سنسار سارو فنا آهي توکي ئي بقا آهي بيشڪ،
هن جسم جي پڃري مان ٿيندا، آزاد لکين هڪ مان نه رڳو.

مشڪل جي مهل تون ياد آهين ڪر ڪاٿي ڪهل تون ياد آهين،
روئي ٿا پڪارن توکي رب، نر ماد لکين هڪ مان نه رڳو.

تنهنجي ذات ڀلي آهي سائين تنهنجي تات ڀلي آهي سائين،
تنهنجي نالي سان ناشاد دليون ڪن، شاد لکين هڪ مان نه رڳو.

در تنهنجو ڇڏي منهنجا موليٰ ويندو ئي “سراج” آخر ڪاڏي،
توکان ٿا گهرن تڪليفن ۾، امداد لکين هڪ مان نه رڳو.


( محمد ياسين ڪنڀر جي ٿورن سان ناز پروڊڪشن ڪيسٽ واليوم 42
آواز حاجي امداد الله ڦلپوٽو صاحب)