شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

بزرگ علامه حضرت مولانا عبدالغفور “مفتون”همايوني صاحب جي ڪرامت

هونئن ته بزرگ صاحب جون ڪيتريون ئي ڪرامتون مشهور آهن ليڪن تبرڪ خاطر هڪڙو واقعو درج ڪيان ٿو. ڊگري ڪاليج گهوٽڪي جي ساٿي پروفيسر ۽ سابق پرنسپال محترم سائين عبدالقيوم شاهه جيلاني راقم الحروف کي ٻڌايو ته سندس ڏاڏي بزرگوار سيد علي اڪبر شاه جيلاني هي خيال دل۾ ررکي بزرگ مولانا عبدالغفور همايوني صاحب سان ملڻ ويو ته کانئس پنهنجو قلب جاري ڪرايان. جڏهن همايون شريف پهتو ته در تي دربان بيٺل هو جيڪو سوالين ۽ زيارتين کي واري واري سان ملائيندو پئي ويو. جڏهن ڪجهه وقت گذريو ته ڏاڏي صاحب دل ۾ هيءُ ٽل ڪئي ۽ وڏي آواز سان چوڻ لڳو ته جو عاشق رسول صه آهي مان سيد کي هيتري دير انتظار ڪرايو اٿائين ائين چئي اتان موٽڻ لڳو هوڏانهن بزرگ صاحب مڪاشفي جي ذريعي سندس دل جو راز معلوم ڪري ورتو ۽ ٻاهر نڪري پڇا ڪيائين ته سيد سڳورو ڪيڏانهن ويو؟ دربان کيس سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي. ڏاڏي صاحب کي ويندو ڏسي بزرگ صاحب کيس واپسي موٽي اچڻ جو اشارو ڏنو ته ڏاڏو واپس ورڻ لڳو جڏهن سندس ويجهو آيو ته بزرگ همايوني صاحب کي چيائين ته قلب جاري ڪر ته ايندس نه ته وڃان ٿو. بزرگ صاحب کيس ويجهو اچڻ لاءِ فرمايو ۽ کيس ڀاڪر ۾ جهلي ڪجهه زور ڏنو. ڏاڏو چوندو هو ته ڀاڪر وجهڻ شرط منهنجو قلب جاري ٿي ويو. بزرگ صاحب جون ڪرامتون بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن
هيءُ باڪمال بزرگ 11 رمضان المبارڪ1336هه مطابق 1918ع تي جمعي جي رات لاڏاڻو ڪري وويو. سندن جنازي نماز مولوي محمد قاسم ڳڙهي ياسيني پڙهائي. سندن جسد خاڪي کي جمعي جي ڏينهن جامع مسجد همايون لڳ پنهنجي نامور والد بزرگوار جي ڀرسان سپرد خاڪ ڪيو ويو جتي سندن مزار شريف مرجع خلائق آهي. سندن شخصيت جو احاطو هنن چند سٽن ۾ ڪري نٿو سگهجي. ان لاءِ دفتر درڪار آهن. کين نرينه اولاد ڪونه هو انڪري سندن ڏوهٽو مولوي عبدالباقي گادي نشين ٿيو. هن وقت ميان عبدالباقي (ثاني) سجاده نشين آهن.