گلشن ڪنڌر
محبوب محمد جي ٿا ڪرن، ساراهه لکين هڪ مان نه رڳو،
ان چاهه ۾ ڪيئي مست ٿيا، داناءَ لکين هڪ مان نه رڳو.
ڪي عشق منجهان ٿا شعر لکن، ڪي درد منجهان ٿي گيت چون،
ڏينهن رات لکن، سڀ شان سدا، شعراءِ لکين هڪ مان نه رڳو.
جن دل ۾ رکي الفت سچي سي پاڻ پتوڙي پار ٿيا،
ڪي نيڻ کڻي ويٺا ئي ڏسن، اها راهه لکين هڪ مان نه رڳو.
دين ڏنو محبوب سچو، ان دين مٿان “گلشن” به فدا،
قربان ڪرن سو بار دفعا، سر ساهه لکين هڪ مان نه رڳو.
(محمد ياسين ڪنڀر جي ٿورن سان ڪتاب: گلشن جا گل”)