شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

حضرت خليفي محمد يعقوب همايوني ۽ بزرگ علامه مولانا مفتون متعلق هڪ ٻي غلط روايت جو جائزو

محتر نياز همايوني پنهنجي مرتب ڪيل ديوان مفتون مقدمي ۾ رقم طراز آهي ته:
مولانا محمد يعقوب همايوني، مولانا عبدالحليم ڪنڊوي کان فارغ التحصيل ٿيو. ان کان پوءِ پاٽ شريف جي روحاني پيشوا ميان محمود کيس خلافت جي خلقت عطا ڪئي.
ڊاڪٽرميمڻ عبدالغفور سنڌي به“ سنڌي شخصيتون ۾ نياز همايوني صاحب جي تقليد ڪندي لکي ٿو ته“خليفو محمد يعقوب همايوني مولانا ڪنڊوي وٽان پڙهي پوءِ سنڌ ۾ وڏي پاٽ مان آخوند ميان محمود وٽان خرقه خلافت ڍڪيائين. واپس وطن وري جهٽ پٽ ۾ پنهنجو مڪتب کوليائين.
نياز همايوني صاحب ساڳئي ڪتاب ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته “ همايون جي زمينداري ميان غازي خان سومري جي استدعا ۽ ميان محمود جي هدايت تي خليفو صاحب همايون ۾ آيو ۽ 30 ورهين جي ڄمار ۾ هڪ علمي اداري جو پايه وڌائين.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي صاحب به ساڳئي مضمون خليفي صاحب متعلق نياز همايوني واري ڳالهه ڪئي آهي. لکي ٿو ته“ ڳوٺ همايون جا ميان غازي خان سومرو ۽ وڏيرو مسو خان سڌايو وٽس لنگهي آيا پهريائين ته پاڻ انڪار ڪيائين پر پوءِ ميان محمود پاٽي جي چوڻ تي باقبائل لڏي اچي همايون ۾ آستانو اڏيائين. 25 ذوالقعد 1253 هه مطابق 17 جون 1837ع تي راهه رباني ورتائين پٺيان هڪ پٽ۽ ٻه نياڻيون ڇڏيائين.
انسائڪلو پيڊيا سنڌيا جلد ٻارهين بزرگ مولانا عبدالغفور همايوني جي احوال ۾ آيو آهي ته مولانا صاحب شاعريءَ سان به وڏو شغف هو ميان محمود پاٽائي کان شاعريءَ جي اصلاح ورتائين. ”
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي صاحب به مٿي بيان ڪيل مضمون ۾ اها ساڳي حڪايت آندي آهي لکي ٿو، “ مولانا صاحب کي شاعريءَ سان به وڏو شغف هو هن سلسلي ۾ميان محمود پاٽائيءَ جي رهبري حاصل هيس.
ميمڻ عبدالغفور سنڌي ۽نياز همايوني جي روايتن ۾ مٿي آيو آهي ته “ همايون جي زميندارن ميان غازي خان سومرو ۽ وڏيرو مسو خان سڌايو وٽس لنگهي آيا. انهن جي استدعا ۽ ميان محمود پاٽائي جي هدايت تي خليفي صاحب 30 ورهين جي عمر ۾ هڪ علمي اداري جو پايو وڌائين. ”
غازي خان سومرو ۽ مسو خان سڌايو سنئون سڌو خليفي صاحب وٽ ڪونه ويا بلڪه ان وقت 1822ع ۾مولاناعبدالحليم ڪنڊوي“مدرسي ڪنڊي” کي خير باد چئي جيڪب آباد جي ڳوٺ“آباد” ۾ اچي مدرسو کوليائين جتي خليفو صاحب به ساڻن گڏ هو. همايون جا اهي زميندار مولانا عبدالحليم ڪنڊوي وٽ عرض کڻي ويا مولانا ڪنڊوي صاحب سندن استدعا تي 1825 ۾اچي همايون شريف ۾ مدرسي جو بنياد رکيو. جتي خليفو صاحب نائب مدرس جي حيثيت ۾ پنهنجي استاد سان گڏ پڙهائڻ لڳو.
محمود پاٽائي جنهن کي خليفي صاحب جو مرشد ڄاڻايو ويو آهي اهو بحث اڳتي اچي ٿو. ان جي هدايت تي همايون شريف ۾ خليفو صاحب ڪونه آيو بلڪه محمود پاٽائي جو انهن ڏينهن ۾ اسان کي وجود به نظر ڪونه ٿو اچي. اها روايت ڪٿان آندي وئي آهي ان کي تفصيلي بحث هيٺ آڻجي ٿو.
مولانا خليفي محمد يعقوب همايوني بزرگ لاءِ اهومشهور آهي ته هوقادري سلسلي جو بزرگ هو ۽ پنهنجي استاد مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جو دست بيعت هو.
هما همايوني جي ليکڪ مولانا محمد قاسم ڳڙهي ياسيني “خليفي” لقب لاءِ لکيو آهي ته مولانا محمد يعقوب همايوني پنهنجي استاد جي نظر ۽ خاص پيار هوندو هو. پاڻ سڀني شاگردن ۾ هوشياربه هو انڪري مولانا ڪنڊوي کيس پنهنجي مدرسي جي سڀني شاگردن مٿان“خليفو” ڪري رکيو.
خليفي محمد يعقوب همايوني پنهنجي استاد ۽ مرشد مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ کان ظاهري ۽ باطني فيض حاصل ڪيو اهو ئي سبب هو جو پاڻ آخري ڏينهن ۾ “همايون جومدرسو” سندس حوالي ڪري پاڻ روهڙيءَ ۾ قاضين وٽ اچي رهيو.
مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ جو خليفي محمد يعقوب همايوني متعلق اهو چوڻ آهي ته“ اسان وٽ جيڪا به امانت هئي سا خليفو صاحب کڻي ويو. اهو انهيءَ ڳالهه جو دليل آهي ته پاڻ مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جو قادري سلسلي جو دست بيعت به آهي.
هاڻي اچون ٿا انهيءَ ڳالهه تي ته اهو بزرگ محمود پاٽائي ڪيرآهي ۽ سندس زمانو ڪهڙو آهي؟ جنهن کي مٿين روايتن ۾ خليفي محمد يعقوب همايوني جو مرشد ڄاڻايو ويو آهي ۽ بزرگ علامه عبدالغفور “مفتون” همايوني صاحب جي احوال ۾ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي جلد 12 ۾ آيو آهي ته مولانا مفتون همايوني کانئس شاعريءَ ۾ اصلاح ورتي.
علامه مخدوم محمود صديقي پاٽائي متعلق هيٺين ڪتابن جو مطالعو ڪيو ويو جن۾ پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ ليکڪ گلزار احمد ڪلهوڙو صاحب مهراڻ سوانح نمبر جو مضمون ميان محمود پاٽائي مضمون نگار مولانا دين محمد اديب فيروزشاهي ۽ مقالات قاسمي ليکڪ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڪلام فضل الله پاٽائي ليکڪ عبدالجبار صديقي انهن سڀني تذڪرن ۾ ميان محمود پاٽائي متعلق وضاحت سان لکيل آهي جنهن جو لب لباب هن طرح آهي:
مخدوم محمود صديقي ولد مخدوم محمد صالح جي ولادت پاٽ ۾ ٿي. شروعاتي تعليم حاجي حسن الله پاٽائي کان حاصل ڪرڻ بعد ٽونڪ ۽ ان بعد اجمير ۾ مولانا معين الدين وٽ پڙهيو. علامه قاسمي صاحب مقالات قاسمي ۾ ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ پاٽائي بزرگن جي احوال ۾ هن طرح مذڪور ملي ٿو. ميان محمود مولانا حاجي حسن الله پاٽائي جو شاگرد هو مخدوم فضل الله (وفات 1290هه) کي هڪ پٽ مخدوم نظام الدين هو جنهن کي ڪوبه نرينه اولاد نه ٿيو. کيس نياڻيون هيون جن مان هڪ مولانا حاجي حسن الله پاٽائي جي عقد نڪاح ۾ هئي ۽ ٻي هڪ نياڻيءَ جو فرزند ميان محمد صالح پاٽائي هو مخدوم نظام الدين جي وفات کا پوءِ مسند نشيني تي مولانا حسن الله ۽ محمد صالح جي وچ ۾ اختلاف ٿي پيو جنهن کي نبيرڻ لاءِ مخدوم محمد سيوهاڻي مجذوب (مخدوم بصر الدين سيوهاڻي جو ڏاڏو) آيو جنهن ميان محمد صالح جي حق ۾ فيصلو ڏنو. ان ڏينهن کان پوءِ اهو خاندان مسند نشين ٿيندو آيو آهي ميان محمد صالح کان پوءِ ان جو فرزند صاحبزادو محمود مسند نشين ٿيو.
مولانا عبدالقادر لغاري جي روايت آهي ته ميان محمود پاٽائي پير جهنڊي جي مدرسي ۾ مولانا عبيد الله سنڌي کان به پڙهيو 50 ورهين جي عمر ۾ 1351هه مطابق 1932ع ۾ وفات ڪري ويو.
مولانا دين محمد اديب فيروزشاهي جيڪو سندس شاگرد به آهي ان به مهراڻ سوانح نمبر ۾ ساڳيو ئي احوال تفصيل سان قلمبند ڪيو آهي. مولانا دين محمد فيروزشاهي به سندس وفات جي باري ۾ لکي ٿو ته“ علامه محمود پاٽائي 50 ورهين جي عمر ۾ آچر ڏينهن 29 جمادي اللآخر 1351هه سج جي لهڻ وقت هي علم و عرفان جو سج هميشه لاءِ لهي ويو. سندس ماده تاريخ “غفرله” ۽ “غفره الله” آهي. ”
مولانا عبدالقادرلغاري ۽ مولوي دين محمد اديب فيروزشاهي جي مصدقه روايتن موجب 1351هه ۾ وفات وقت ميان محمود پاٽائي جي عمر 50 سال آهي ته پوءِ سندس ولادت 1301هه ٿي آهي ته علامه محمد يعقوب همايوني بزرگ جي وفات 1273هه مطابق 1856ع آهي يعني خليفو محمد يعقوب همايوني ميان محمود پاٽائي کان 28 سال اڳ ۾ وفات ڪري ويو آهي ته پوءِ کانئس ڪيئن خرقه خلافت حاصل ڪيائين؟ ۽ سندس هدايت تي همايون ۾ مدرسو کوليائين. مولانا عبدالغفور مفتون همايوني بزرگ لاءِ به ايترو لکڻ ڪافي آهي ته ميان محمود پاٽائي کانئس چاليهه سال عمر ۾ ننڍو آهي. سندس والد ميان محمد صالح پاٽائي مفتون صاحب جو همعصر آهي. ٻيو ته علم ۽ عرفان ۾ به مولانا عبدالغفور همايوني بزرگ جو درجو نهايت بلند هو ٽين ڳالهه اها ته ميان محمود پاٽائي جو احوال مان اهو به ثابت نه آهي هو ڪوشاعر به هو. پر جيڪڏهن شعر چيو به اٿائين تڏهن به اها ثابتي ڪانه ٿي ملي ته بزرگ همايوني کيس اصلاح لاءِ پنهنجو شعر موڪليندو هو ان لاءِ ٻنهي بزرگن جي وچ ۾ اهڙي ڪنهن به قسم جي خط و ڪتابت ڪانه ٿي ملي خليفي محمد يعقوب همايوني ۽ مولانا عبدالغفور مفتون همايوني بزرگن جي زماني ۾ انهيءَ ذڪر ڪيل محمود پاٽائي کان سواءِ ٻيو ڪو محمود پاٽائي جي نالي سان بزرگ ڪونه ٿي گذريو آهي البته همايوني بزرگن کان گهڻو اڳ پاٽ جي بزرگن ۾ محمود پاٽائي بزرگ جو نالو پاٽ جي شروعاتي بزرگن ۾ ملي ٿو.
نياز همايوني هڪ ته پاڻ سڄاڻ ليکڪ هو. ٻيو ته سندس والد قائم الدين همايوني بزرگ مفتون همايوني جي خدمت ۾ به رهي آهي ۽ سندن پاڙيسري به هو خبر نه آهي ته اها روايت ڪٿان آندائين جنهن جي تقليد پوءِ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي صاحب به ڪئي آهي بس انهيءَ روايت جو بگردان راوي آهي.