رحمت الله شوق شڪارپوري
هن حسن عجب حيران ڪيا، انسان لکين هڪ مان نه رڳو،
ڪيئي مست ٿيا فرمانروا، سلطان لکين هڪ مان نه رڳو
محبوب جو منهن مان نور چوان، وڌ شمس و قمر کان ظهور چوان،
مٽ جنهن جي نه ڪوئي ور چوان، قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
ڪيئي شاه و گدا غمگين ڏٺم، ڪيئي مير غني مسڪين ڏٺم،
سڀ سهڻل جا شوقين ڏٺم خاقان لکين هڪ مان نه رڳو
قرآن مبارڪ ان تي لٿو، معراج انهيءَ جو مان ٿيو،
ڪوئي نه ٿيو جهڙس ٻيو، دربان لکين هڪ مان نه رڳو.
خود جنهن کي خدا دلدار ڪيو، سڀ امت جو سردار ڪيو،
هن “شوق” جو هو آڌار ڪيو، مدح خوان لکين هڪ مان نه رڳو.
( حيران هزارين: عبدالجبار عبد)