ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي
تنهنجي چشمن جي چمڪار ڪٺا، خاقان هزارين مان نه رڳو،
تنهنجا مڙئي مشتاق مٺا، انسان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي نينهن نزاڪت نور سندا، جن ملڪ مخمور بندا،
توريءَ يار بندا هي ڪيئن ڪندا، اعلان هزارين مان نه رڳو.
توتي محب صلواتون درود لکين پڙهن پيا ٿا محمود لکين،
عابد زاهد مقصود لکين، شاذان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي در ٿي سڄڻ دربان لکين، تنهنجي محبت جا مستان لکين،
تنهنجي قرب ڪنڍيءَ ۾ سلطان لکين، زندان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي ناز و ادا تان ساه فدا، توتان هر ڪو شام پگاه فدا،
اسير اڪبر “توتان آه فدا، قربان هزارين مان نه رڳو.
ڪلام 2:
تنهنجي حسن سڄڻ حيران ڪيا، سلطان لکين هڪ مان نه رڳو،
تنهنجي محبت موهي مستان ڪيا، انسان لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجي عشق انور نور پرين ڪيا شاه و گدا مخمور پرين،
ٿيا نور نظر مشهور پرين، صنعان لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجي در تي آهن دربان لکين، ڇا جن ملڪ انسان لکين،
ٿيا حور و پريون رضوان لکين، قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
وهوا تنهنجو آ ناز و ادا، توتان سڪندر دارا يار فدا،
ڪن ساراه تنهنجي ٿا شاه گدا، ثنا خوان لکين هڪ مان نه رڳو.
ڪيئي قيد ڪيا تو رهير سڄڻ، ڪي پير امير وزير سڄڻ،
ٿيا علي اڪبر جهڙا اسير سڄڻ، زندان لکين هڪ مان نه رڳو.