شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

درگاهي ميراڻي

عبدالرحمان المعروف درگاهي ميراڻي ولد واحد بخش ميراڻي 5 مارچ 1942ع تي تعلقي لکي ضلع شڪارپور جي ڳوٺ انباه لڳ چڪ ۾ ڄائو. سندس وڏا روهڙي شهر جا رهاڪو هئا. سندس والده جڳ مشهور فنڪاره بيگم فقيرياڻي انباه جي صوفي درويش داتا ولايت شاهه جيلاني جي مريدياڻي هئي. جنهن پنهنجي هن ننڍڙي ٻار کي پنهنجي مرشدن جي درگاه تي جنم ڏنو. انڪري سندس والده سڳوري کيس پيار ۽ عقيدت وچان درگاه ڏنو جي نالي سان سڏيندي هئي. جنهن ڪري پاڻ درگاهي ميراڻي جي نالي سان مشهور ٿيو درگاهي صاحب ايم اي انگريزي ۾ ڪرڻ کان پوءِ ليڪچرار مقرر ٿيو. ادب شاعري راڳ ۽ ترجمي ۾ ڏاڍو نالو ڪڍيائين. شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين. ليڪن ڪافيءَ تي دسترس حاصل هيس. روهڙيءَ ۾ هر هفتي وٽس وڏي ادبي ڪچهري ٿيندي هئي. لطيف سائين، سچل ۽ بدل جي ڪجهه شاعري انگريزي ۾ ترجمو ڪئي هئائين. نامور اديب۽ شاعر اختر درگاهي سندس فرزند آهي. درگاهي مرحوم 23 اپريل 1988ع تي اسان کان جدا ٿي ويو.

هن سهڻيءَ ڌرتيءَ پيدا ڪيا، انسان هزارين مان نه رڳو،
هت سورهيه ٿيا سرويچ سوين ٻلوان هزارين مان نه رڳو.

هٿيار هلائي همت سان پنهنجي عمر گذاري امر ٿيا،
ٿيا جکري جهڙا ڪئي جوڌا ۽ جوان هزارين مان نه رڳو.

هت ڪيئي سوليءَ چڙهندا ويا ته به نينهن جا نعرا هڻندا ويا،
هت هيمو هوشو دودا ۽ دريا خان هزارين مان نه رڳو

هت چارڻ وارا چنگ چريا، هت ڏاڍ جا ڪيئي ڏيل ڏريا،
ٿيا آزاديءَ جا صدين کان، اعلان هزارين مان نه رڳو.

هيءَ گهوٽ ڀٽائي نگري آ ۽ شاه عنايت سنڌڙي آ،
گهوري مان هن تان جندڙي آ ، قربان هزارين مان نه رڳو.

(محترم اختر درگاهي)