شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

نثار بزمي

نثار بزمي جو اصل نالو قلندر بخش ولد محمد حسين خان جوڻيجوهو. سندس ولادت 13 جون 1924ع تي ڳوٺ مرزا پور تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ ٿي. نثار بزمي سنڌي فائنل مئٽرڪ ۽ اديب فاضل جا امتحان پاس ڪيا. 1938ع ۾ پرائمري استاد ٿيو. 1954ع ۾ تپيداري پاس ڪري تپيدارٿيو. ليڪن شاعريءَ جي شوق ۾ ڪابه سرڪاري نوڪري باقاعدگي سان ڪري نه سگهيو آخرڪار 1965ع ۾ نوڪري ڇڏي خانگي ڌنڌو اختيار ڪيائين. يارهن سالن جي عمر شاعري جي شروعات ڳوٺ جي هڪ هندو دوست ڀڳوانداس جي محبت ۾ موهجي ڪئي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جڏهن سندس محبوب ڀڳوانداس 1948ع ۾ سنڌ مان لڏي وڃي ڀارت جي شهر جبلپور ۾ رهيو. تڏهن هن جدائي هڪ ڪلام ٺاهيو ڀڳا ڏار ڳيرا اڏاڻا هليا ويا. اهو ڪلام سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور ٿيو ۽ ڳايو ويو. نثار بزمي نظم سان گڏ نثر ۾ ڊراما افسانا ۽ مضمون به لکيا. کيس موسيقي جي به سٺي ڄاڻ هئي. . 7 جولاءِ 2000ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ انتقال ڪري ويو کيس مرزا پور ۾ پير سليم شاهه جي درگاه ڀرسان دفنايو ويو.

تنهنجي حسن تي ٿيا محبوب خدا، حيران هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي قول ۽ فعل تي مدني مٺا، قربان هزارين مان نه رڳو.

ڪيئي الفت جا اعلان ڪيئه، پاهڻ به گهڙي انسان ڪيئه،
تنهنجا ورجائن ٿا صبح و مسا، احسان هزارين مان نه رڳو

تنهنجي ڄاپي جهان هي جرڪي پيو، تنهنجو نانءُ محمد مهڪي پيو،
تنهنجا ياد رکن ٿا دل ۾ سدا، فرمان هزارين مان نه رڳو

تون شافع روز جزا آهين ڪوئي مون کان پڇي ته تون ڇا آهين؟
تنهنجي ذات بابرڪت تي آقا، نازان هزارين مان نه رڳو

آهين هادي تون آهين حامي تون آهين نرمل نامي گرامي تون،
تنهنجي چاهه ۾ ٿيا “بزمي” جهڙا، چسپان هزارين مان نه رڳو

(ڪيسٽ سهڻي ڌرتي پروڊڪشن واليوم 42
آواز حاجي امداد الله ڦلپوٽو صاحب)