شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

ڪافيءَ جي شهرت ۽ مقبوليت

حضرت مولانا عبدالغفور مفتون همايوني رح جي انهيءَ شهره آفاق ڪافي ايتري ته مقبوليت ماڻي جو سڄيءَ سنڌ ۾ ان جي ڌم مچي ويئي. ڪيترن ئي شاعرن ان کان متاثر ٿي پنهنجي طبع جا جوهر ڏيکاريا. انهن ڏينهن ۾ نه ميڊيا جا اڄ جهڙا تيز ترين ذريعا هئا جو آواز جلدي ڪنهن تائين پهچي سگهي بس هڪ عاشق صادق جي دل جي دانهن هئي جيڪا فضا ۾ گونجي ۽ ماڻهن جي ڪنن تائين پهتي. جنهن دل ۽ دماغ کي معطر ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪلام جو نفس مضمون ۽ قافين جو سٽاءُ اهڙو ته بيهاريل آهي جو پڙهڻ ٻڌڻ سان دل ۾ رقت ۽ تڙپ پيدا ٿئي ٿي. دل کي راحت زبان مان واه واه ۽ سبحان الله جا آواز نڪرن ٿا ۽ اکين مان ڳوڙها لارون ڪري ڳلن تي ڳڙي پون ٿا. هڪ قسم جو قلبي ۽ روحاني سڪون ميسر ٿئي ٿو.
پير حسام الدين راشدي صاحب “ هو ڏوٿي هو ڏينهن” ۾ لکن ٿا ته ڪافي جو تخليق ٿيڻ هو ۽ سڄي سنڌ ۾ باهه ٻري ويئي. نئون خيال ۽ نئين طرز سُر سٺو، لفظ چيدا ۽ تڪن مان تڪان. اهڙيءَ طرح بيٺل ڄڻ هيرن ۽ موتين جو جڙاءُ ٿيل آهي. انهيءَ جي جواب ۾ شاعرن پنهنجو ڪلام ٺاهيو مطلب ته سڄيءَ سنڌ ۾ عجيب چهچٽو ٿي ويو. انهيءَ ڪافي لاءِ ته شاعر پاڻ ۾ گڏيا ۽ نه مشاعرو ڪيائون ۽ نه واه واه نه مڪرر مڪرر جي ڌماچوڪڙي ٿي. ڪافيون هيون عوامي زبان عوامي جذبات سان ڀريل انڪري ماڻهن هٿئون هٿ جهٽي ورتيون ۽ فورا مشهور ٿي ويون. ”
امداد حسيني صاحب ٽماهي مهراڻ 1961ع واري شماري ۾ چوي ٿو ته“ همايوني صاحب جو اهو سڄو غزل سون ۾ تورڻ جهڙو آهي ان ڪلام کي سنڌ گير شهرت حاصل آهي شاعريءَ ۾ ان کي دائميت جو عنصر چئجي ٿو”
مشهور نقاد جناب قربان بگٽي صاحب مرحوم جي به ساڳي راءِ آهي ته، “ مولانا صاحب جو اهو ڪلام شاعرانه خوبين سن معمور آهي. “ خانبهادر محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ لکي ٿو ته “ هن تتبع تي ڪيترن ئي شاعرن ڪوششون ڪيون پر مفتون جي درجي تي اڃا ڪوئي ڪونه آيو آهي. ”
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب به پنهنجي ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو سنڌي ٻولي باختيار اداري حيدرآباد سنڌ سال 2005ع ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته “مولانا صاحب جي هڪڙي ئي ڪافي کيس سنڌ ملوڪ شاعر بنائي ڇڏيو. اها شاهڪار ڪافي اهڙي آهي جنهن جو ڪيترن شاعرن تتبع ڪيو. ”
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جي راءِ بلڪل صحيح وزندار آهي جو سوناري جا سو ڌڪ لوهار جو هڪڙوئي ڌڪ وارو مثال آهي. بزرگ جيڪو رنگ هن ڪافيءَ ۾ رکيو آهي. اهو ٻيو ڪو به ڀري نه سگهيو آهي. سڄي ڪافي موسيقي ۽ سٽاءُ جي لحاظ کان انفرادي حيثيت رکي ٿي. توڙي جو بزرگ هڪ باشرع ديني عالم هو ۽ موسيقيءَ کان ڪوهين ڏور هو.
محترم مجاهد سولنگي ٽماهي مهراڻ جي نمبر 4 سال 2017ع واري پرچي جي پنهنجي ليک مفتون هزارين ۾ لکيو آهي ته“ اسان جو استاد علي ڏنو سانگي فائنل پاس اديب سنڌي سلور ميڊل) راڳ جي راڻي عابده پروين سان ڳائيندو به هلندو هو ڪنڌ به هڻندو هو جڏهن ڪافي پوري ٿيندي هئي ته آخر همايوني صاحب جي مذڪوره ڪافي ۽ ميان سرفراز ڪلهوڙي جي مدح بابت ضرور اظهار ڪندو هو ته سنڌي ادب ۾ هي ٻه تخيل مرڻا ئي نه آهن. ”
جهڙي طرح شيخ سعدي جي مشهور شعر“بلغ العليٰ بکماله” جون فارسي ۽ اردو ۾ گهڻيون ئي تضمينون چيون ويو آهن. ساڳئي طرح حضرت مولانا مفتون همايونيءَ جي هن مشهور ڪافي تي به سنڌيءَ جي ڪيترن ئي وڏن شاعرن تتبع ڪيو آهي.