شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

بزرگ “مفتون” همايوني جو مشرب

فتاويٰ همايوني (فارسي) جي مترجم مولانا مفتي فهيم احمد راشدي پنهنجي ترجمي ڪيل فتاويٰ همايوني ۾ کين حنفي قادري لکيو آهي. هي به منقول آهي ته پاڻ ننڍڻ ۾ پنهنجي والد خليفي محمد يعقوب همايونيءَ کان قادري سلسلي ۾ بيعت هئا. هڪ روايت هي به آهي ته کين اويسي فيض حاصل هو. سندن قادري سلسلي جي لاءِ مهراڻ سوانح نمبر ۾ حاجي شير محمد چغدي جي هيءَ روايت وزندار آهي جنهن ۾ هو صاحب پنهنجي خود نوشت سوانح عمريءَ ۾ لکي ٿوته “هي بندو نوڪريءَ جو وچ وارو عرصو همايون تعلقي شڪاپور ۾ هيڊماستر ٿي رهيو جنوري 1910ع ۾ همايون آيس جتي حضرت مولانا عبدالغفور همايوني جن رهندا هئا. اتي رهڻ سان اهڙي بزرگ جي روزاني زيارت ته حاصل ٿيندي رهندي هئي. پر آءٌ سندن دست بيعت به قادري طريقي ۾ ٿيل هوس”
حاجي شير محمد چغدي جا وڏا ديري غازي خان لڏي آيا هئا سندس پڙڏاڏو خيرپور ميرس ۾ رهيو جنهن بعد سندس اولاد شڪارپور اچي سڪونت پذير ٿيو. حاجي شيرمحمد جو وطن شڪارپور هو پاڻ هڪ استاد هو. سندس مٿين روايت پڪي ۽ پختي آهي جنهن مان خبر پئي ٿي ته بزرگ مفتون همايوني صاحب قادري سلسلي جو بزرگ هو.