ارباب علي عادل چوهاڻ
تنهنجي قرب سڄڻ ڪيئي قيد ڪيا انسان هزارين مان نه رڳو،
اخلاق عجب تان سارا فدا، سلطان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي سونهن برابر ناهي مٺا، ڪو شمس قمر يا تارا ڪتيون،
سڀ حسن مٺا تنهنجي موهي وڌا، حيران هزارين مان نه رڳو.
سرشار سوين تنهنجي پيار ڪيا، ديدار لئه ڪئي ديوانا ٿيا،
هي پير فقير ۽ شاه گدا، دربان هزارين مان نه رڳو.
پروانا مديني پهچي ويا، اکڙين سان ڏسنٿا روضو مٺا،
ٿيا شهر مديني ۾ ڪيئي ڪٺا، مستان هزارين مان نه رڳو.
گفتار تي عاشق جڳ ۾ سوين، هر دلڙي اها ٿي ڳالهه مڃي،
پرواني جيان هر هڪ ٿو پچي، قربان هزارين مان نه رڳو.
سڪ تنهنجي دل ۾ سرس رکن ٿا پرت جا پير ڀري هو اچن،
در تنهنجي سلامي سارا ٿين، خاقان هزارين مان نه رڳو.
ساراه ۽ شاعر نعت لکن، مولود غزل ۽ گيت چون،
ٿا چاه ۾ “عادل” شعر پڙهن، مدح خوان هزارين مان نه رڳو.
(حيران هزارين عبدالجبار عبد)