شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

ٻڍل فقير

ٻڍل يا ٻڍڙو فقير عبدالواسع انڙ جي گهر شهيد الهه بخش اسٽيشن (لوڊرا) کان چار ڪلوميٽر اوڀر تي چوٽي شاخ جي ساڄي ڪپ سان بخشي انڙ جي ڳوٺ ۾ (هيئنر درگاه ٻڍل فقير) 1865ع تي تولد ٿيو. هڪ روايت موجب سندس ولادت جو سال 57_1856ع بيهجي ٿو فقير ظاهري علم حاصل ڪونه ڪيو ۽ ننڍي هوندي کان مال چارڻ شروع ڪيو پيرڳوٺ جي گادي نشين پير سائين پاڳاري پير حزب الله شاه راشدي تخت ڌڻي جو دست بيعت ٿيو. فقير صاحب سنڌي ۽ سرائيڪي زبانن جو وڏو شاعر هو. شاعريءَ ۾ ٻڍو ٻڍل ۽ ٻڍڙو فقير ٽيئي نالا ڪم آندائين سندس همعصرن ۾ سيد رکيل شاه درگاه فتح پوري مولوي قادر بخش گولو صحبت پور بلوچستان ۽ مولانا عبدالغفور مفتون همايوني مشهور آهن. فقير صاحب 27 شعبان 1358هه مطابق 12 اڪٽوبر 1939ع تي خميس جي ڏينهن وفات ڪئي پنهنجي مٿئين ڳوٺ ۾ درگاه اٿس. جتي هر سال 26 27 ۽ 28 مارچ تي ميلو لڳندو آهي.

تنهنجي اکڙين جي اسرار حيران ڪيا

پير پغمبر شاه سڪندر ڪلنگي دار موهي مستان ڪيا

انهن ڪجلين ڪيئي گهايا ابرووءَ جي جهلڪار ڌتاري ديوان ڪيا

عشق مجني کي بر ۾ بيهاريو ولين ڪيس ولهار گوندر گهمسان ڪيا

عشق ٻڍل ٿي اوکو اڻانگو درد ڌڌڪار سورن سامان ڪيا