مولانا جمال الدين اجمل کهڙو
تنهنجي جلوي جمال ڪمال ڪيا پروان ڪروڙين مان نه رڳو،
تنهنجي تانگهه طلب ۽ تلاش ۾ ٿيا گردان ڪروڙين مان نه رڳو.
ڪيئي رومي شامي ٿيا، ڪيئي سعدي جامي نظامي ٿيا،
ڪيئي عاشق اويسي نامي ٿيا قربان ڪروڙين مان نه رڳو.
شيدا شاه لکين رند راه پڇن، سج چنڊ ستارا مست ڦرن،
محبوب اوهان تان سر ساهه ڏين جندجان، ڪروڙين مان نه رڳو.
اي جان جهان اي شاهِ زمن، مرجان مثل موهيو لعل لبن،
منگتا مير فقير پيا ينو پنن، دردان ڪروڙين مان نه رڳو.
ڏينهن رات کي تات اوهان جي آ، ڪائنات ۾ نعت اوهان جي آ،
محبوب ئي ذات اوهان جي آ، محبان ڪروڙين مان نه رڳو.
لجپال اوهان جي لڙهه لام ڪيئي، سردار سڪندر سام ڪيئي.
پين شوق ۽ ذوق جا جام ڪيئي. مستان ڪروڙين مان نه رڳو
سرڪار حسن سرتاج مٺا، اٿو “اجمل” تي ڀي راج مٺا،
آهن در اوهان جي محتاج مٺا، دربان ڪروڙين مان نه رڳو.
( الرياض الاجمل جمال الدين ولد علي بش کهڙو “اجمل”)