اورنگزيب “زيب عاجز” مهر
تنهنجي زلف اکين منهن مٿان، مستان هزارين مان نه رڳو،
تنهجي حسن جوت جمال مٿان، حيران هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي ابرو تيغ ڪمان مان، تنهنجي سيني مهر نشان مٿان،
تنهنجي عزت عظمت مانَ مٿان، قربان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي جلوي جمال ڪمال سندا، تنهنجي نور ظهور جلال سندا،
تنهنجي محبت ۾ ڪيئي بلال سندا، دربان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي هڪ اشاري چنڊ ٽٽو، تنهنجي نالي سان منهن کنڊ مٺو،
تنهنجي شان مٿي سڄو سمنڊ کٽو، ديوان هزارين مان نه رڳو.
حورون ملائڪ ۽ جن و بشر، تائب تارا سڀ شمس و قمر،
صورت اڳيان آ جهڪو جوهر، مرجان هزارين مان نه رڳو.
غوث قطب هي پير قلندر، خان ملڪ ۽ دارا سڪندر،
آهن تنهنجي در جا نوڪر، سلطان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي قرب ۾ ڪيئي قيد مٺا، توتي شائق آهن طالب سندا،
توتي مست ڪيئي مفتون سدا، مدح خوان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي در جو ئي دربان آهيان، تنهنجي محبت ۾ مستان آهيان،
آءٌ عاجز اڪيلو اورنگزيب ڇاهيان، انسان هزارين مان نه رڳو.
(سندس ڪتاب تان کنيل)