آغا ممتاز حسين دراني
تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا زندان هزارين مان نه رڳو،
زم زم جو قسم تنهنجي غب غب ۾ غلطان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجو حسن نزاڪت ڇا چئجي تنهنجي سونهن لطافت ڇا چئجي،
تنهنجي موت خراج ملاحت تان مستان هزارين مان نه رڳو
تنهنجي عشوي غمزي ناز مٿان، تنهنجي حسن و ادا انداز مٿان،
قربان ٿين ٿا جن ملڪ انسان هزارين مان نه رڳو
جيڪي پاڻ تي ناز آفرين هئا، سي هڪڙي گهور سان گهائي ڇڏيا،
تنهنجي تير نظر جا تير فگن، نيشان هزارين مان نه رڳو
تون شعله صفت آن سيمي بدن، تنهنجا ابرو زلف ۽ غنچه دهن،
تنهنجي پيڪر حسن جي شمع مٿان پروان هزارين مان نه رڳو
منصور “ممتاز” ويو دار چڙهي ۽ شاه عنايت ويو ڪسجي،
تنهنجي قرب ۾ ٿيا ڪل جڳ ۾ قربان هزارين مان نه رڳو
( ڪتاب: شاعري ۽ شخصيت “ميراث” تان ورتل
ليکڪ پروفيسر آغا وقار حسين دراني)