شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

ساجد حسين آچراڻي

ساجد حسين ولد غوث بخش آچراڻي 25 مارچ 1984ع تي ڳوٺ صاحب خان ڪورائي ۾ ڄائو. تعليم ايم اي ايم ايڊ آهي. 2011ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو کيس شاعريءَ جو شوق پڙهڻ دوران ٿيو ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ جي چڱي ڄاڻ اٿس. راقم الحروف جا ٽي ڪتاب ڪمپوز ڪيا اٿس 2016ع ۾ دادلوء تاريخ جي آئيني ۾ 2019ع ۾ پنوعاقل هڪ اڀياس ۽ ٽيون ڪتاب اوهان پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي.

تنهنجي نور صورت جي تعريف مٺا، ڪن مسلمان ته ڇا پر ڪئي آهي خدا،
تو تان صدقي جن و ملڪ حوران انسان ته ڇا پر هر مخلوق خدا.

ڪيئي دفتر سهڻي جي سيرت تي لکي. مشهور ليکڪ ۽ شاعر شامل ٿيا،
ڏينهن رات پڙهن محبوب مٺا، رڳو ڪتاب نه پر قرآن پڙهيا،

تنهنجي عشق ۾ ڪيئي لقب مليا صديقي اويسي حافي بڻيا،
گهوريا تن من ۽ ٻار ٻچا، ڏس اهڙي سخا ڪئي شير خدا،

تنهنجا سبط سردار بڻيا، اسلام جا جي سرتاج بڻيا،
تنهنجي امت جا سي آڌار بڻيا، ڪيان گهر ٻار ته ڇا جند جان فدا

تنهنجي مدح ڪئي ابوطالب آ، ابوتراب ڪئي خود خالق آ،
صلوات مومن جي آ ورد زبان هڪ “ساجد” ڇا پر ڪيئي مدح خوان بڻيا.