شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

مولانا ڪنڊوي جي زندگي تي هڪ نظر:

هاڻي غور ڪجي ٿو ٿه جڏهن علامه عبدالحليم ڪنڊوي صاحب مولانا آريجوي وٽ خط کڻي پهچي ٿو ته ان وقت مولانا محمد آريجوي 80 سالن جو پوڙهو آهي. جو علامه عبدلحليم ڪنڊوي کي پوڙهي هجڻ جو عذر پيش ڪري پنهنجي شاگرد عاقل شاهه هالاڻي واري ڏانهن خط ڏنائين. اڃا مولانا ڪنڊوي اتي ئي خير محمد آريجا ۾ هو ته بزرگ آريجوي وفات ڪري ويو. ان وقت يعني 1210هه مطابق 1796ع مخدوم آريجوي جي وصال وقت جڏهن مولانا ڪنڊوي وٽس پڙهڻ لاءِ آيو ته مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ جي عمر لڳ ڀڳ 20 سل آهي پر جيڪڏهن سندس ولادت جو سال 1163هه تسليم ڪجي ته پوءِ ان وقت سندس عمر 47 سال بيهي ٿي جڏهن اسان مولانا عبدالحليم ڪنڊوي صاحب جي تعليمي سلسلي تي نظر وجهون ٿا ته خبر پوي ٿي ته پاڻ علم جي حاصلات جي شوق ۾مختلف مدرسن جي اعليٰ استادن ڏانهن ويا آهن. ۽ مسلسل هو عمل جاري رکيو اٿائون تان جو انهيءَ ذوق ۾ علم جي پياس کين بلوچستان ۾ ويهڻ نه ڏنو ۽ وڏا ڪشالا ڪاٽي آريجا جي مدرسي ۾ پهچن ٿا جنهن جي هاڪ سنڌ بلوچستان ۽ افغانستان تائين پهتل هئي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته مدرسي آريجا ۾ پهچڻ وقت سندس عمر (ولادت 1163هه) 47 سال هوندي يا 20 سالن جو نوجوان هوندو جو علام آريجوي کائنس امتحان وٺڻ لاءِ پڙهيل علم مان ڪي سوال پڇيا. علامه قاسمي جي لکڻ موجب هن نوجوان جي ذهن ۽ ذڪاءَ کان مخدوم محمد آريجوي ڏاڍو متاثر ٿيو. انهيءَ تي هيٺ روشني وجهجي ٿي. هيءُ مونجهارو پوءِ به پنهنجي جاءِ تي قائم آهي. جنهن ۾ تذڪره مشاهير سنڌ جي حاشيي ۾ اهو چيو ويو آهي ته مولانا عبدالحليم ڪنڊوي مرحوم 35_30 ورهيه قاضي غلام محمد بن قاضي جان محمد(ثالث) جي اوطاق ۾ رهيو اتي درس ڪونه ڪرائيندو هئا.
مولانا ڪنڊويءَ جو روهڙيءَ ۾ قاضين وٽ قيام واري زماني جو تعين ٿيل ڪونه آهي ته ڪهڙي عرصي دوران رهيو؟
مولانا دين حمد وفائي جي لکڻ موجب همايون ۾ ٿورو وقت رهي پوءِ مولانا ڪنڊوي اچي روهڙيءَ ۾رهيو. جڏهن ڊاڪٽر غلام علي سانگي جي بيان کي ڏسجي ٿو ته مدرسي ڪنڊي کان وٺي همايون جي مدرسي واري دور(1838 ع تائين) کانپوءِ صرف ٿورو عرصو روهڙيءَ ۾ رهيا آهن جو انهيءَ سال 1838ع ۾ وصال فرمائي ويا.
مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ جي سوانح تي نظر وجهڻ سان چئي سگهجي ٿو ته پاڻ تعليم جي حصول جي سلسلي ۾ پنهنجي زندگيءَ جو چڱو عرصو گذاريو اٿائون جو بلوچستان جا وڻ ڇڏي سنڌ جي ڏورانهين حصي اوٻاوڙي تائين به ويا آهن. محمد پور (تعلقي گهوٽڪي) جي مشهور بزرگ مخدوم محمد صديق سيهڙ جي مدرسي ۾ به پڙهيا آهن ۽ سندن دست اقدس تي قادري سلسلي بيعت به ڪئي اٿائون. ان کان پوءِ وري پنهنجي ديس بلوچستان واپس وڃي قاضي محمد ابراهيم ميرپورائي وٽ رياست قلات جي شهر ميرپور کان ٿيندا وري سنڌ ۾اچي آريجن جي مدرسي (تعلقي ڏوڪري) پهتا آهن. جتان هالاڻي جي مدرسي مان سيد عاقل شاهه هالاڻي واري وٽان دستار فضيلت ٻڌي واپس پنهنجي ڳوٺ ڪنڊي وڃي سال 1800ع ۾ مدرسو ڪنڊو جاري ڪيائون مدرسي ڪنڊي کان وٺي مدرسي همايون پنهنجي شاگرد خليفي محمد يعقوب صاحب جي حوالي ڪري روهڙيءَ ۾ وڃي قاضين وٽ رهيا. جتي جلدي وفات ڪري ويا. انهيءَ سڄي روئداد مان تذڪره مشاهير سنڌ واري روايت مان اهو اشڪال پيدا ٿئي ٿو ته روهڙيءَ جي قاضين وٽ ڄاڻايل 30_35 سالن وارو عرصو مولانا صاحب جي زندگيءَ جي جدول سان نٿو ٺهڪي. ڇاڪاڻ ته قيام وارو اهو عرصو مولانا صاحب جي درس و تدريس کان پوءِ جو ئي ٿي سگهي ٿو. راقم الحروف جو قياس به مولانا وفائي مرحوم واري روايت جي تائيد ڪري ٿو ته پاڻ همايون ۾ ٿورو عرصو رهي پوءِ زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا روهڙيءَ ۾ قاضين وٽ اچي شروع ڪيائين ته پوءِ پنهنجي وفات واري عرصي يعني 1838ع تائين وقفي وقفي سان (مسلسل نه) روهڙيءَ قاضين وٽ اچي ٿو ترسندا هجن جو اهي قاضي سندن شاگرد هئا. ٻيو ته وار مبارڪ جي زيارت جي اشتياق ۾ اڪثر سندن اچڻ روهڙي شريف ۾ ٿيندو هو پوءِ ڪجهه ترسي واپس تدريس جي ڪم کي لڳي ويندا هئا. استاد العلماء مولانا عبدالحليم ڪنڊوي صاحب بابت راقم کي جيڪي ڪجهه معلومات مختلف تذڪرن مان هٿ اچي سگهي سا پڙهندڙن جي آڏو رکي ويئي آهي ٿي سگهي ٿو ته وڌيڪ تحقيق ڪرڻ سان اڃا وڌيڪ معلوم ٿي سگهي ۽تحقيق جي ڪسوٽيءَ تي پرکي پوءِ ئي ڪا حتمي راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي.