محمد بخش واصف
تنهنجي نيڻ نظر ڪري ناز ڪيا، مستان هزارين مان نه رڳو
انهيءَ ابروجي تکي تاب ڪيا، قربان هزارين مان نه رڳو
تنهنجا زلف اچيو ڪن قيد دليون وجهيو دام هڻن ڏاڍيون ڏنگيون،
گهٽي ڪاڪل ڪيا سڀئي يار گهٽيون زندان هزارين مان نه رڳو
عارض جا هي انوار ٿيا، پچي يار پتنگ نثار ٿيا،
اتي عاشق ڏس صدبار ٿيا، بريان هزارين مان نه رڳو
تنهنجو ماه منور نور فشان، خورشيد ڪيا ڪيئي زرد نشان،
انهيءَ ماه ملاحت دار مٿان حيران هزارين مان نه رڳو
تنهنجي حسن جڏهن ڪئي جلوه گري شيدا شوق ڪنان ٿيا حور پري،
وڌا ناز نشي جاني يار وري، جولان هزارين مان نه رڳو
. .
ڪيئي دارا سندءِ دربان ٿيا خدام لکي خاقان ٿيا، .
تنهنجي شان ڪنان جي شان ٿيا، ذي شان هزارين مان نه رڳو
لکين دوست ري اڄ بي تاب ڏسان، سوين سوز جگر ۾ ڪباب ڏسان،
لکين “واصف” بي خور و خراب ڏسان گريان هزارين مان نه رڳو
( ماهوار نئين زندگي مئي جون 1999ع محبوب اختر پٺاڻ)