شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

شاه محمد “ثاقب” منگي

شاه محمد ثاقب ولد مرحوم علي نواز منگي پهرئين فبروري 1930ع ۾ ڄائو. شروعات ۾ همايون شريف جي ديني مدرسي مان تعليم حاصل ڪري پرائمي پڙهڻ اسڪول ويٺو جتان چاردرجا پاس ڪري انگريزي تعليم لاءِ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ داخل ٿيو جتان 1949ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري 1950ع ۾ استاد مقرر ٿيو. تعليم کاتي جي مختلف عهدن تي رهندي 20 نومبر 1980ع تي سروس دوران ئي الله کي پيارو ٿي ويو. کيس علم ادب موسيقي ۽ اداڪريءَ سان ننڍپڻ کان ئي لڳاءُ هو. شروعات ۾ راهي تخلص اختيار ڪيائين پوءِ ثاقب ا اختيار ڪيائين. شاعريءَ جي فن جوو ڄاڻو هو سندس پسنديده صنف ڪافي هئي.

تنهنجي ديد جي عيد سعيد ڪيا، سلطان هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي سونهن جي روح ورونهن سندا، مستان هزارين مان نه رڳو

ڪيئي گهايل تنهنجي گهور سندا ڪيئي عارف عبد غفور سندا،
مدمست شراب طهور سندا، مستان هزارين مان نه رڳو

تنهنجي جلوي جوت جمال ڪيا، رخ روشن خد خال ڪيا،
تنهنجي نينهن نجيب نهال ڪيا، سلمان هزارين مان نه رڳو

اي جاني تنهنجي جود و سخا، سڀ ڪنهن تي روا آ صبح مسا،
منصور شمس تبريز ته ڇا، صنعان هزارين مان نه رڳو

اي روح ڪل تزئين زمن، اي نور اول مختار عدن،
تنهنجي مدح ۾ “ثاقب” ڪيئي مگن، مهمان هزارين مان نه رڳو.

(شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو انور فگار هڪڙو ص 375)