شاعري

حيران هزارين مان نہ رڳو

ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.

Title Cover of book حيران هزارين مان نہ رڳو

شيخ اياز

شيخ اياز 20 صديءَ جو سنڌ جو وڏي ۾وڏو شاعر هو. سندس شاعريءَ ۾ فني ۽ فڪري خوبيون موجود آهن کيس عالمگير شهرت حاصل آهي. سندس گيتن سان سڄي سنڌ گذريل اڌ صدي کان گونجندي رهي آهي. سندس جنم 23 مارچ1923ع تي شيخ غلام حسين جي گهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو مبارڪ علي شيخ هو. انٽر تائين شڪارپور ۾ پڙهيو ايس ايم لا ڪاليج مان لا گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ 1950ع ۾ ڪراچي ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو پوءِ مستقل طور سکر ۾ اچي رهيو23 جنوري 1976ع تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت کيس سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو. پاڻ سٺو نثر نويس به هو پر سندس سڃاڻپ شاعر رهي آهي. پاڻ شعر چوڻ جي شروعات کيئل داس فاني جي اثر هيٺ ڪئي. سنڌي ۾ سندس شعر جو پهريون مجموعو ڀونر ڀري آڪاس رائٽرز گلڊ ڪراچي طرفان 1962ع ۾ ڇپيو. هن جديد توڙي قديم شاعريءَ جي سڀني صنفن تي لکيو آهي. مڃتا طور ملڪ جو اعليٰ ادبي ايوارڊ هلال امتياز کيس ڏنو ويو28 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪري ويو ڀٽ شاهه ۾ لطيف سائين جي پاڙي ۾ ڪراڙ ڍنڍ ڀرسان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

بي موت مئا تو لاءِ ڪٺا، انسان هزارين مان نه رڳو
هن دنيا ۾ اي ديس! هيا، نادان هزارين مان نه رڳو

جي راه اجل ڪنهن ورتي آ، هن ڀونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ،
هيءَ ڌرتي توکي پرتي آ مهمان هزارين مان نه رڳو

اک ساري رات نه جهپڪي آ ۽ شبنم شبنم ٽپڪي آ،
جي باک گهري ٿي بک ته اي زندان هزارين مان نه رڳو

ٿو ساري ڪوبه نه سڃ مئا، هو رڃ مئا جي اڃ مئا،
ڇا پاپ پرکي پڃ مئا، ارمان هزارين مان نه رڳو

ڇو چنڊ! اسان کي رات ٺري، ڏي چانڊوڪيءَ جو زهر ڀري،
آ ڪيڏو پويون پهر پري! حيران هزارين مان نه رڳو

تون چئه نه ڪڇان تون چئه نه لڇان، پر توکان هڪڙي ڳالهه پڇان،
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين اعلان هزارين مان نه رڳو

هي دور “اياز” گذرڻو آ، ۽ پنهنجو وارو ورڻو آ،
ڪو ٻارڻ نيٺ ته ٻرڻو آ امڪان هزارين مان نه رڳو

( وڄون وسڻ آئيون)